مختصر خبرون

عورتن تي تشدد خلاف ورڪشاپ

سکر(بيورورپورٽ)عورتن جي تشدد وڌندڙ واقعن کي روڪڻ لاءِ ۽ مڙدن عورتن سان گڏ سٺو سلوڪ اختيار ڪرڻ جي حوالي سان وومين پرو ٽيڪشن سکر پاران سکر ۾ منعقد آگاهي پروگرام بعد ضلعي شڪار پور جي ٿاڻن بعد وومين پروٽيڪشن پاران پوليس اهلڪارن لاءِ وارڪ شاپ جو انعقاد ڪيو ويو ورڪشاپ ۾ پوليس اهلڪارن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي وومين پروٽيڪشن جي تربيت يافتا ميمبرن، ڊاڪٽر ارشاد، اي ايس آءِ عبدالمجيد ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته اندرون سنڌ ۾ عورتن سان جنسي تشدد جو وڌندڙ واقعن تي حيرت ٿي آهي اسلام ۾ مردن جي حقن سان گڏ عورتن جا به برابريءَ جا حق حاصل آهن مردن جي تشدد واري سوچ کي تبديليءَ جي ذريعي عورتن پائي ويندڙ بي چيني ختم ڪري سگهجي ٿي ٿاڻن ۾ انصاف لاءِ ايندڙ عورتن سان سٺو سلوڪ سان پيش اچي ڪري عورتن کي انصاف جي فوري فراهمي ڏني وڃي ته عورتون بنا خوف ۽ خطري جي پنهنجي مٿان ٿيندڙ تشدد جي واقعن کي پوليس کي اطلاع ڏئي سگهي ٿي اسان کي گهر جي ته عورتن جي حقن ۽ انهن جي انصاف جي فراهمي ڏئي سگهون.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button