سکر

طاهرالقادري اسان جو پراڻو ساٿي آهي، ان لاءِ سياسي ميدان کليل آهي، خورشيد شاه

Khursheed Shahسکر: وفاقي وزير مذهبي امور سيد خورشيد احمد شاهه چيو آهي ته طاهرالقادري اسان جو پراڻو ساٿي آهي، ان لاءِ سياسي ميدان کليل آهي، اهو عوام کان ووٽ وٺي. جلسي ڪرڻ سان ڪوئي مسئلو حل نه ٿيندو آهي، رياست کي ڌمڪيون ڏيڻ صحيح نه آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن سکر ۾ مصطفيٰ ٽرسٽ هسپتال ۾ اکين جي 3 ڏينهن جي مفت ڪمپ جو افتتاح ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيوته صالح پٽ ۾ ارڙي جي بيماري اتان جي صورت اختيار ڪرڻ ۽ ٻارڙن جو مرڻ صحت کاتي جي آفيسرن جي مڪمل نا اهلي آهي انهن آفيسرن کي انسانن جون احساس نه آهي ارڙي جي بيماري سان بچڻ جي سلسلي ۾ ڪمشنر ۽ ڊپٽي ڪمشنر ايمر جنسي نافذ ڪئي آهي، هنن چيوته ارڙي جي بيماري جي مارجيويل ۽ ارڙي جي بيماريءَ کان بچاءُ لاءِ موثر قدم نه کڻڻ تي مان ڊائڪريٽر هيلٿ جي رام داس کان پچاڻو ڪيو آهي۽ صحت هيلٿ کاتي پاران ٻارڙن جي علاج جي لاءِ ٽيمون متاثر علائقن ۾ موڪليون ويون آهن سيد خورشيد احمد شاهه چيو ته سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه کي به مشورو ڏنو آهي ته پوليو ٽيمن سان گڏ ارڙيءَ جي به ويڪسين ڪرائي وڃي جنهن ۾ وڌيڪ بهتري اچي سگهي ٿي هن چيو ته اسان جڏهن 2008 ۾ آيا هيا سين ته ان وقت ملڪ جو خزانو خالي هيو صرف ٽي ارب ڊالر خزاني ۾ موجود هئا صدر آصف علي زرداري جي سياست حڪمت عمليءَ سان ملڪ کي بحرانن مان ڪڍيو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button