مختصر خبرون

صحافين مٿان ڪيسن خلاف ٻئي به مظاھرو جاري

اياز عباسي، ڪنڊيارو
ڪنڊيارو بهادر صحافين راڻا حنيف ۽ غفور مڱريو خلاف دهشتگردي جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرڻ واري عمل خلاف ڪنڊيارو جي صحافين پاران ٻئي ڏينهن به سرپرست غلام محمد خشڪ،صدر اياز عباسي ۽ جنرل سيڪريٽري راڻا خير محمد جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،ان موقعي تي صحافين شاهنواز مڱريو،منور جوکيو،رفيق گهانگهرو،دمساز جتوئي،اي ڊي گهانگهرو،عمران گهانگهرو ۽ ٻين جي خطاب ڪندي چيو ته ڪنڊيارو جو شرابي ۽ بدمست ايس ايچ او ڪجهه سياسي سيکڙاٽن جي ونگار وهي رهيو آهي جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريو ٿا،ان موقعي تي ايس ايچ او جي معطلي ۽ ڪوڙو ڪيس ختم ڪرڻ جو مطالبو پڻ ڪيو ويو،هوڏانهن پي پي ايم اين اي گل محمد جکراڻي،سنڌ صحافي سنگت جي مرڪزي چيئرمين نور سنڌي،مرڪزي اڳواڻ بچل هڱورو،پي پي اڳواڻ سردار عثمان خان عالماڻي،سپريم ڪورٽ بار جي هيومن رائيٽس ڪاميٽي ۽ ايگزيڪٽو ڪاميٽي جي ميمبر سردار اڪبر اڄڻ،پي پي شهيد ڀٽو جي صوبائي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر امداد کوسو،مسلم ليگ ن جي صوبائي اڳواڻ فياض لاکو،اين پي پي اڳواڻ ابرار حسين شاهه،سنڌ نيشنل موومينٽ جي مرڪزي اڳواڻ اعجاز سامٽيو،جيئي سنڌ تحريڪ سربراهه ڊاڪٽر صفدر سرڪي،پي پي جي ناراض ايم اين اي ظفر علي شاهه،مهراڻ ٽيچرس ايسوسيئيشن جي ضلعي صدر ذوالفقار اڄڻ،جنرل شاپ ڪيپرس جي منتظم ڪاميٽي جي چيئرمين عبدالرزاق ملاح،جنرل سيڪريٽري سرفراز قريشي،ڪنڊيارو يوسي جي اڳوڻي وقتي ۽ اڳوڻي نائب ناظم اسلم قائمخاني ۽ ٻين پريس ڪلب جي صدر اياز عباسي کان سمورا تفصيل وٺڻ بعد کيس انصاف جي خاطري ڪرائي آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button