سکر

صالح پٽ: علاج بجاءِ قرآن خواني ۽ خيراتون

Quran Khani (640x360)صالح پٽ (ديوان سڪندر) صالح پٽ خدا تعالٰي ارڙي جي قهر کان بچاءَ روينيو کاتي ۾ مختيار ڪار صالح پٽ سيد ذاهد شاهه پاران قرآن خواني ۽ خيرات ڪرائي وئي . ارڙي خطرناڪ صورتحال اختيار ڪري ورتي . وڌيڪ 5 ٻارڙا پنهنجي حياتي جي جنگ هارائي ويٺا ستن ٻارڙن جي حالت نازڪ کين سکر هسپتال ريفر ، هزارين ٻار بيماري ۾ ورتل مري ويندڙن جو تعداد 26 مان وڌي 31 ٿي ويو . وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاهه هڪ تقريب ۾ ڊي ايڇ او هيلٿ کي اڻپورا انتظام ڪرڻ تي سخت ڇنڊ پٽي. صالح پٽ ۾ ايمرجنسي ڄاڻايل سينٽر ۾ ڊاڪٽر غائب ، ميڊيا ٽيم پهچڻ بعد ڊي سي سکر بلال ميمڻ نوٽيس وٺندي اسپتال ۾ ڊاڪٽر موڪلي ڇڏيو . مختيار ڪار صالح پٽ ارڙي جي بيماري کان بچاءَ لاءِ ڊاڪٽرن جي ٽيمن جي ڳوٺ ترائي ، همت شاهه، شمن شنباڻي، امام بخش جسڪاڻي ، علي نواز ڀنڀرو ٻين علائقن ۾ نگراني ڪرڻ بعد ٻڌايو ته هزارين ٻارن کي بيماري کان محفوظ بڻائڻ لاءِ بچاءَ جا ٽڪا لڳايا ويا آهن. ٻئي طرن ساهي پٽ واري علائقي ۾ دوا ۽ انجيڪشن ختم ڪيترائي ٻار رهجي ويا. جڏهن ته شيخ فارم ، نريڙي ، ڳوٺ محمد بچل بهڻ ، نيامت فقيراڻي ، وس، ٻٽري سميت سوين ڳوٺن ۾ صحت ٽيمون پهچي نه سگهيون. گلن جهڙن معصوم ٻارڙن جي زندگين کي سخت خطرا، صحت جي اعلي اختيارين سميت ايوانن ۾ ويٺل چونڊيل نمائندا پهنجي ذميوارين کان لا تعلق رهڻ ڪري ڪيترين ئي مائرن جون جهوليون خالي بڻجي ويون . ڦلوڪاري ، ڳوٺ شمن شنباڻي ۾ هڪ ئي گهر اندر چار چار لاش نڪري چڪا آهن. بيماري ايتري ته خطرناڪ ۽ سولائي سان سوين ڳوٺن کي پنهنجي جڪڙ ۾ آڻي انسان ذات کي بيوس بڻائي ڇڏيوآهي. ارڙي جي بيماري ۾ ٻار کنگهه، بخار ، نزلو، ۽ اکين جو ڳاڙهو بڻجڻ ۽ جسم تي خارش نما نشان ٿيڻ بعد ٻار ڪمزور ٿيڻ بعد فوت ٿي وڃي ٿو . صحت انتظاميه سکر هزارين ٻار بيماري ۾ متاثر ٿيڻ باوجود روهڙي پنو عاقل وارن علائقن ۾ ٻارڙن کي حفاظتي ٽڪا هڻڻ بجاءِ بيماري جي فهلجڻ جو انتظار ڪري رهي آهي ، جڏهن ته روهڙي تعلقي جي ڳوٺ خدا بخش مهر ، سيد فارم، کاهي ۽ ٻين علائقن ۾ پڻ بيماري ڦهلجڻ شروع ٿي وئي آهي . جڏهن ته هڪ ڏينهن اڳ تائين صحت انتظاميه ٻارڙن جي ويڪسين ڪرڻ بجاءِ پنهنجون حدون ڄاڻائيندي ڪيترن ئي ٻارڙن کي علاج ڪرڻ بجاءِ کين موٽائي ڇڏيو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button