صالح پٽ: علاج بجاءِ قرآن خواني ۽ خيراتون
صالح پٽ (ديوان سڪندر) صالح پٽ خدا تعالٰي ارڙي جي قهر کان بچاءَ روينيو کاتي ۾ مختيار ڪار صالح پٽ سيد ذاهد شاهه پاران قرآن خواني ۽ خيرات ڪرائي وئي . ارڙي خطرناڪ صورتحال اختيار ڪري ورتي . وڌيڪ 5 ٻارڙا پنهنجي حياتي جي جنگ هارائي ويٺا ستن ٻارڙن جي حالت نازڪ کين سکر هسپتال ريفر ، هزارين ٻار بيماري ۾ ورتل مري ويندڙن جو تعداد 26 مان وڌي 31 ٿي ويو . وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاهه هڪ تقريب ۾ ڊي ايڇ او هيلٿ کي اڻپورا انتظام ڪرڻ تي سخت ڇنڊ پٽي. صالح پٽ ۾ ايمرجنسي ڄاڻايل سينٽر ۾ ڊاڪٽر غائب ، ميڊيا ٽيم پهچڻ بعد ڊي سي سکر بلال ميمڻ نوٽيس وٺندي اسپتال ۾ ڊاڪٽر موڪلي ڇڏيو . مختيار ڪار صالح پٽ ارڙي جي بيماري کان بچاءَ لاءِ ڊاڪٽرن جي ٽيمن جي ڳوٺ ترائي ، همت شاهه، شمن شنباڻي، امام بخش جسڪاڻي ، علي نواز ڀنڀرو ٻين علائقن ۾ نگراني ڪرڻ بعد ٻڌايو ته هزارين ٻارن کي بيماري کان محفوظ بڻائڻ لاءِ بچاءَ جا ٽڪا لڳايا ويا آهن. ٻئي طرن ساهي پٽ واري علائقي ۾ دوا ۽ انجيڪشن ختم ڪيترائي ٻار رهجي ويا. جڏهن ته شيخ فارم ، نريڙي ، ڳوٺ محمد بچل بهڻ ، نيامت فقيراڻي ، وس، ٻٽري سميت سوين ڳوٺن ۾ صحت ٽيمون پهچي نه سگهيون. گلن جهڙن معصوم ٻارڙن جي زندگين کي سخت خطرا، صحت جي اعلي اختيارين سميت ايوانن ۾ ويٺل چونڊيل نمائندا پهنجي ذميوارين کان لا تعلق رهڻ ڪري ڪيترين ئي مائرن جون جهوليون خالي بڻجي ويون . ڦلوڪاري ، ڳوٺ شمن شنباڻي ۾ هڪ ئي گهر اندر چار چار لاش نڪري چڪا آهن. بيماري ايتري ته خطرناڪ ۽ سولائي سان سوين ڳوٺن کي پنهنجي جڪڙ ۾ آڻي انسان ذات کي بيوس بڻائي ڇڏيوآهي. ارڙي جي بيماري ۾ ٻار کنگهه، بخار ، نزلو، ۽ اکين جو ڳاڙهو بڻجڻ ۽ جسم تي خارش نما نشان ٿيڻ بعد ٻار ڪمزور ٿيڻ بعد فوت ٿي وڃي ٿو . صحت انتظاميه سکر هزارين ٻار بيماري ۾ متاثر ٿيڻ باوجود روهڙي پنو عاقل وارن علائقن ۾ ٻارڙن کي حفاظتي ٽڪا هڻڻ بجاءِ بيماري جي فهلجڻ جو انتظار ڪري رهي آهي ، جڏهن ته روهڙي تعلقي جي ڳوٺ خدا بخش مهر ، سيد فارم، کاهي ۽ ٻين علائقن ۾ پڻ بيماري ڦهلجڻ شروع ٿي وئي آهي . جڏهن ته هڪ ڏينهن اڳ تائين صحت انتظاميه ٻارڙن جي ويڪسين ڪرڻ بجاءِ پنهنجون حدون ڄاڻائيندي ڪيترن ئي ٻارڙن کي علاج ڪرڻ بجاءِ کين موٽائي ڇڏيو.