شهيد بينظير ڀُٽو سياست ۾ پڻ عورتن کي سياسي توڙي سماجي حقن ڏيارن جي لاءِ ڀرپور جدو جهد ڪئي، منظور وساڻ
خيرپور:صوبائي وزير جيل خانه جات ۽ معدنيات منظور حُسين وساڻ چيو آهي ته شهيد بينظير ڀُٽو هميشه عورتن جي حقن جي حفاظت لاءِ پاڻ پتوڙيو ۽ سندس سياست ۾ پڻ عورتن کي سياسي توڙي سماجي حقن ڏيارن جي لاءِ ڀرپور جدو جهد ڪئي. هن چيو ته ڪالاباغ ڊيم سنڌي عوام جي موت ۽ زندگي جو مسئلو آهي ۽ پيپلز پارٽي هميشه ڪالاباغ ڊيم کي رد ڪيو آهي ۽ هاڻي به رد ڪريٿي. هن اهڙو اظهار سچل آڊيٽوريم خيرپور ۾ شهيد بينظير ڀٽو انڪم سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) جي وسيله حق جي چيڪن ورهائڻ واري تقريب ۾ خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته شهيد محترمه ملڪ توڙي دنيا جي عورتن لاءِ هڪ مثال رهي ۽ جڏهن ملڪ جي پهرين عورت وزير اعظم ٿي ته عورتن کي نه صرف سندن جائز حق وٺي ڏنا پر سندن حقن جي حاصلات لاءِ سياسي ۽ سماجي شعور ڏئي کين سُجاڳ ڪيو. صوبائي وزير چيو ته بي آءِ ايس پي تحت ملڪ توڙي سنڌ صوبي جي غريب ۽ مسڪين عورتن جي مالي سهائتا ڪئي ٿي وڃي ۽ مختلف پروگرم تحت کين روزگار ڪرڻ لاءِ قرض پڻ ڏنا ٿا وڃن. هن چيو ته غريب عورتن کي وسيله حق تحت ٽي ٽي لک روپيه ڏنا وڃن ٿا ته جيئن هوروزگار لائق بڻجن. هن چيو ته پيپلز پارٽي هن سان پنج سال پورا ڪري وري ٻيهر عوام جي ووٽ سان اقتدار ۾ ايندي ۽ عوام جي خدمت ڪندي رهندي. ان موقعي تي صوبائي نادرا وارن کي ضلعي جي مختلف علائقن ۾ موبائيل سروس ذريعي وڌ ۾ وڌ قومي شناختي ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ جي سهولت جي فراهمي لاءِ گُذارش ڪئي. جڏهن تقريب ۾ خطاب ڪندي بي آءِ ايس پي سکر ڊويزن جي ڊائريڪٽر امبرين انصاري چيو ته بي آءِ ايس پي تحت مخلت عورتن جي مالي سهائتا ڪئي پئي وڃي جڏهن ته سنڌ حڪومت پاران بي آءِ ايس پي کي 30 لک روپين جو پروجيڪٽ ڏنو ويو آهي جنهن تحت صوبي جي مئٽرڪ پاس بيروزگار نوجوانن کي روزگار کولڻ لاءِ قرض ڏنا پيا وڃن. هن وڌيڪ چيو ته بي آءِ ايس پي تحت خيرپور ضلعي جي هڪ لک 65 هزار عورتن کي مالي سهائتا ڪئي وئي آهي جڏهن ته 85 هزار 84 عورتون جي صرف قومي شناختي ڪارڊ نه هجڻ ڪري سندن مالي سهائتا جي ڪيس التوا جو شڪار آهن. ان سلسلي ۾ ڊائريڪٽر بي آءِ ايس پي سکر صوبائي وزير کي گُذارش ڪئي ته ضلعي اندر خاص طور تي عورتن کي قومي شناختي ڪارڊ جلدي ٺاهي ڏيڻ لاءِ نادرا وارن کي هدايتون جاري ڪيون وڃن. ان موقعي تي تقريب ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر خيرپور طارق علي نظاماڻي خطاب ڪندي چيو ته ضلعي انتظاميه پاران بي آءِ ايس پي جي عملي سان هر قسم جو سهڪار ڪيو پيو وڃي ته جيئن عورتن کي وقت سر مالي سهائتا ٿي سگهي ۽ ان سلسلي ۾ مسقبل ۾ ضلعي انتظاميه پاران هر قسم جو تعاون ڪيو ويندو. ان موقعي تي تقريب ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر ڪوٽ ڏجي رياض حُسين وساڻ، بي آءِ ايس پي جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر سعيد احمد سانگري ، سيد رئيس حيدر شاهه ۽ ٻين خطاب ڪيو. تقريب ۾ خطاب کانپوءِ صوبائي وزير جيل خانا جات ۽ معدنيات منظور حُسين وساڻ ۽ ڊائريڪٽر بي آءِ ايس پي سکر امبرين انصاري پاران ضلعي جي 31 غريب ۽ مستحق عورتن ۾ وسيله حق جا 46 لک روپين جا چيڪ ورها ويا. ان موقعي تي صوبائي وزير سان منور علي وساڻ، فدا حُسين وساڻ ۽ ايس ايس پي خيرپور عرفان مُختيار ڀُٽو ۽ ٻيا عملدار ساڻس گڏ هئا.