مختصر خبرون

سکر: مسيحي برادري جي عبادت گاهن جي خصوصي سيڪورٽي

سکر: 25 ڊسمبر ڪرسمس جي موقعي تي مسيحي برادري جي عبادت گاهن جي خصوصي سيڪورٽيءَ لاءِ ايس ايس پي سيد پير محمد شاهه پاران پوليس کي خصوصي هدايتون جاري ڪندي گرجا گهرن ۽ چرچز جي سيڪورٽي سخت ڪرڻ کان علاوه اتي پوليس جي اضافي نفري کي مقرر ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا آهن جڏهن ته ڪرسمس جي خوشين ۾ مصروف مسيحي برادري جي ماڻهن جي حفاظت ۽ انهن جي سيڪورٽي رکڻ لاءِ سکر پوليس کي موٽر سائيڪل سوار ڪمانڊوز کي به الرٽ ڪري ڇڏيو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button