آرٽيڪل

سي اين جي مسئلو

راشد حسين ميمڻ، سيوهڻ شريف
CNGڪنهن دور جي ڳالهه آهي ته ڪنهن ماڻهون باشاهه سلامت کي هڪ اهڙو ڪم چيو جو باشاهه سلامت جي پهچ کان به ڳرو هو ، سو بادشاه سلامت هن کي ائين چوڻ مناسب نه سمجهيو ته اهو ڪم مون کان نه ٿيندو،سو بادشاه سلامت ان کي چيو ته هڪ ٻوري ۾ 100 ڪُئا وجهي مون ڏي کڻي اچ ته آءُ تنهجو ڪم ڪريان ٿو،سو همراهه هامي ڀري ۽ بادشاه جي حڪم جي تڪميل ڪرڻ لاءِ روانو ٿي ويو ،بادشاه سو چيو ته اِهو نه هي ڪندو نه واپس ايندو. ڪجهه ڏينهن گذرڻ کان پوءِ بادشاهه وٽ اهو همراه اچي پهتو ۽ ڏٺائين ته بيشڪ هن وٽ ٻوري ۾ 100 ڪُئا آهن، بادشاه پڇيس ته اهي ڪُئا ٻوري ۾ آيا ڪيئن ،چيائين سائين منهجون 10 ڳوڻيو ته ٽڪي ويا آهن هي ڪُئا، پوءِ ڇا ڪيم جو ٻوري کي ڌونڌاڙيدو رهيس ۽ ڪئا به ڦاسائيندو رهيس مطلب انهن کي اهڙو ته مصروف رکيم جو انهن کي ٽائيم ئي نه مليو جو ٻوري کي ٽڪي سگهن…
اهو سڀ ڪجهه ٻڌائڻ جي ضرورت ان لاٰءِ محسوس ڪيم ته اسان جي گورمينٽ به عوام سان ساڳو ئي ڪئن وارو سلوڪ ڪري رهي آهي ڪڏهن گئس جو بحران، ڪڏهن تيل جو، ڪڏهن کنڊ، ڪڏهن هڙتالون، ڪڏهن ڌرڻا، ڪڏهن ڌماڪا، ڪڏهن حملا، مطلب ته عوام کي ڪنهن نه ڪنهن مسئلي ۾ مشغول ڪري پهنجو وقت بهتر طريقي سان پاس ڪرڻ آهي، هن وقت عوام جيڪڏهن پريشان آهي ته هلندڙ وقت ۾ سي اين جيجي بندش ۽ سي اين جي مالڪان ۽ اوگرا جي ڪشمڪش جي ڪري آهي، اسان جا ٽرانسپوٽر ڀائر (پئون ٻارنهن) جو مثال آهن مطلب سي اين جي وڌي ته به ڪرايو وڌائين ۽ پئٽرول وڌي ته عوام ئي پريشان.. چيف جسٽس صاحب کي شابس آهي جو ان سي اين جي ۾ رليف ڏئي عوام جي ساهه ۾ اتهاهه ڏنو پر وقت جا والي ڪيئن سَهن اِن ڳالهه کي…!! سي اين جي مالڪان ڪاوڙ ۾ اسان سان ظلم ٿيو آ سي اين جي اسٽيشنس بند ڪنداسين نتجي ۾ اسٽيشنون بند. وري اهي کولين ته گورمينٽ جا هفتي وارا ڏينهن شروع عام طور تي ته مهيني وارا ڏينهن هوندا آهن پر اسان جي ماندي گورمينٽ کي هفتي وارا ڏينهن ٿيندا آهن ،بحرحال هڪڙا ڏينهن شروع ٿا ڪن ته مٿان ٻين جا ڏينهن اچي ٿا وڃن آخر عوام وڃي ته ڪاڏانهن وڃي..؟ هي ظلم سهي ته ڪيستائين سَهي..؟ اهو سڀ ڪجهه ڪيستائين ٿيندو رهندو..؟ مهنجي نظر ۾ ته مستقبل ۾ اسان جي پاڪستان مان گئس جو مقدار روز به روز گهٽجندو وڃي ٿو ان لاءِ گئس جو بچائڻ اسان لاءِ لازمي ٿيندو پيو وڃي ان لاءِ چيف جسٽس ۽ اوگرا سميت جيڪي واڳ ڌڻي آهن انهن کي گذارش ڪجي ٿي ته سي اين جياسٽيشنس بند ڪيون وڃن عوام ته هونئن ئي لوڙي پيو اهو زهر جو ڍڪ پيئڻ لاءِ به تيار آهن گهٽ ۾ گهٽ ٽرانسپوٽرن جي بليڪميلنگ، گاڏين ۾ سي اين جي Kitsجي صورت ۾ رکيل بمن مان عوام کي ڇوٽڪارو ضرور ملندو ۽ گئس جي بچت جو بندوبست به ٿي ويندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button