مختصر خبرون

سيپڪو روهڙي پاران بجلي چورن ۽ ڊيفالٽرز جي خلاف گرينڊ آپريشن

سکر(بيورورپورٽ)سيپڪو روهڙي پاران بجلي چورن ۽ ڊيفالٽرز جي خلاف گرينڊ آپريشن 8 ٽيمن جا ڇاپا،5 1 سئو کان وڌيڪ غير قانوني ڊيفالٽرز جا ڪنيڪشنز منقطع هزارين ميٽر تارون ضبط 3 ڪروڙ 0 2 لک رپيا رڪارڊ ر يڪوري، سيپڪو پاران بجلي چوري کان بچاءَ جي لاءِ نئو متعارف ڪيل اي بي سي ڪنڊيڪٽر ڪيبل جي ذريعي روهڙي سٽي ون ۽ ٽو ۾ 5 1 هزارن کان وڌيڪ گهريلو ۽ ڪمرشل صارفين جا ڪنيڪشن ٽن مهينن ۾ منتقل ڪيا ويندا، هڪ مهيني جي دوران 0 2 1 نوان ڪنيڪشن لڳايا ويا، ڊيفالٽرز ۽ بجلي چورن ۾ٽاڪوڙو،خبر موجب سيپڪو جي سي اي او ۽ ايڪسين سيپڪو سب ڊويزن روهڙي مير محمد شيخ جي خصوصي هدايت ۽ ايس ڊي او سيپڪو سب ڊويزن روهڙي نثار شيخ جي نگراني ۾ سيپڪو روهڙي جي 8 کان وڌيڪ ڇاپا مار ٽيمن بجلي چورن ۽ ڊيفالٽرز جي خلاف ڪاروائي ڪندي، سمن محله ، شاهي بازار، شهزادو محله، اسٽيشن روڊ، ڪوٽ مير يعقوب علي شاهه، ڪندهرا ناڪا، گول علي واهن، رضواني محله، گجواني محله شيخ محله ۽ ٻين علائقن ۾ ڪاروائي ڪري 5 1 سئو کان وڌيڪ ڪنيڪشن منقطع ڪري هزارين ميٽر تارون ضبط ڪري ورتيون، سيپڪو سب ڊويزن روهڙي جي ايس ڊي او نثار احمد شيخ صحافين کي ٻڌايو ته بجلي چورن ۽ ڊيفالٽرز جي خلاف ڪاروائي جي دوران 3 ڪروڙن سان گڏو گڏ 0 2 لکن کان وڌيڪ ريڪوري به ڪئي ڪئي وئي، جڏهن ته0 3 کان وڌيڪ ڊيفالٽر صارفين جي خلاف روهڙي پوليس اسٽيشن تي اين سي به داخل ڪرڻ جي درخواست ڏني وئي آهي، نثار شيغ وڌيڪ چيو ته مختلف علائقن جي صارفين بجلي چوري کان بچڻ جي لاءِ 0 2 1 نوان ڪنيڪشن به لڳايا ويا آهن، جڏهن ته بجلي چوري ۽ آءِ ون مختلف علائقن جاٽرانسفارم خراب ٿيڻ جي ڪري سيپڪو سکر پاران اي بي سي ڪنڊيڪٽر ڪيبل هڻڻ جو ڪم تيزيءَ سان جاري آهي، ۽ هن نئين سسٽم جي تحت روهڙي سٽي ون ۽ ٽو ۾ 5 1 هزار کان وڌيڪ ڪنيڪشنز نئين سسٽم تي ٽرانسفر ڪيا ويندا، هن سسٽم ۾ 0 0 1 فيصد بجلي چوري جو امڪان ناهي، نثار شيخ وڌيڪ چيو ته روهڙي جي پاپوليشن کي مد نظر رکندي 0 0 5 بجلي جا نوان ڪنيڪشن مهيا ڪرڻ جي تياري به مڪمل ڪئي وئي آهي، ڊيڊيڪشن بل ۽ وڌيڪ يونٽس جي حوالي سان نثار شيخ چيو ته اهڙا صارفين جيڪي ڊيڊيڪيشن بلن ۽ وڌيڪ يونٽن جي ڪري پريشان آهن اهي فوري طور تي آفيس سان رابطو ڪن ته جيئن انهن جي بلن مان وڌيڪ رقم جي ڪٽوتي ڪئي وڃي، ۽ نئين ڪيبل جي تحت نوان ميٽر هنيا وڃن

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button