سيپڪو راڻيپور ڊويزن جو رينجرس ۽ پوليس سان گڏ بجلي جي باقيدارن خلاف آپريشن
ھنڱورجا: سيپڪو راڻيپور ڊويزن جي عملدارن جو رينجرس ۽ پوليس سان گڏ بجلي جي باقيدارن خلاف هنڱورجا ، رسول آباد، سمي ۽ سڳيون ۾ آپريشن ، هڪ سئو کان وڌيڪ ڪنيڪشن ڪاٽي ڇڏيا، بل ادا نه ڪندڙ 30 کان وڌيڪ ماڻهو گرفتار ، پنج لک روپيه جي اوڳاڙي ڪئي وئي.
تفصيل موجب سيپڪو راڻيپور ڊويزن جي انجنيئر پرويز احمد ڦلپوٽو ، ايس ڊي او اسحاق شر، مقصود ملاح، افتخار احمد سهتو، جي اڳواڻي ۾ رينجرس ۽ پوليس سان گڏ هنڱورجا. رسول آباد ، سمي ، سڳيون سميت ٻين علائقن ۾ ڇاپا هڻي غير قانوني هلندڙ 50 کان وڌيڪ ڪنيڪشن ڪٽيا ويا، جڏهن ته ڪيتري عرصي کان بجلي جا بل ادا نه ڪندڙ سيد دين شاهه، ڪريم بخش، رب ڏنو، دلشاد احمد قريشي، ميرل قريشي، سونل شيخ، مير محمد دايو، راهب علي ڀاڳت، عباس علي ڪلهوڙو، ٻانهو قاضي ، سميت 30 باقيدارن کي گرفتار ڪري هنڱورجا ، سڳيون ٿاڻن ۾ لاڪپ ڪيو ويو جنهن بعد ڪيترن ئي باقيدارن رهيل بجلي جا بل ادا ڪيا ۽ کين کي بعد ۾ آزاد ڪيو ويو. هن ڏس ۾ باقيدارن خلاف آپريشن جي اڳواڻي ڪندڙ سيپڪو انجنيئر پرويز ڦلپوٽو ميڊيا کي ٻڌايو ته بجلي جي باقيدارن خلاف وڏي پيماني تي آپريشن شروع ڪيو ويو آهي اڄوڪي ڏينهن ۾ 5 لک روپيه باقيدارن کان وصول ڪيا ويا آهن. هن ٻڌايو ته باقيدارن جي خلاف ڪنهن به قسم جي ڪابه رعايت نه ڪئي ويندي ان ڪري باقيدارن کي گهرجي ته اهي پنهنجي بجلي جي بقاياجات فوري طور ادا ڪن نه ته انهن جي خلاف سخت ڪاروائي ڪري کين کي گرفتار ڪرڻ سان گڏ سندن جي خلاف ڪيس داخل پڻ ڪرايا ويندا.