سنڌ جي صحافين خلاف ناجائزين جي نندا
اياز عباسي، ڪنڊيارو
ڪنڊيارو جي صحافين راڻا حنيف،عبدالغفور مڱريو،رزاق سروهي،ستار سروهي،ڪاشف سروهي سميت سنڌ جي سمورن صحافين سان ٿيل هر قسم جي ناجائزين جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا ۽ حڪومت کي ٻڌايون ٿا ته ڪنهن به صحافي کي ڏاڍ ۽ ڏمر سان جهڪائي نه ٿو سگهجي،سنڌ مڪمل طور تي غلام ٿي چڪي آهي،وڏن شهرن کي دهشتگردن ۽ ننڍن شهرن کي ڌاڙيلن،وڏيرن،لچ،لوفرن جي حوالي ڪيو ويو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار جيئي سنڌ تحريڪ جي سربراهه ڊاڪٽر صفدر سرڪي پريس ڪلب ڪنڊيارو ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو،هن وڌيڪ چيو ته ڪنڊيارو سميت سمورن سنڌ واسين جا ٿورائتا آهيون جن اسان جو آڌر ڀاءُ ڪري اسان جي عزم ۽ ارادن کي ويتر پختو ڪري ڇڏيو آهي،هن چيو ته ايم ڪيو ايم ۽ اردو ڳالهائيندڙ ڀائرن کي اپيل آهي ته سنڌي ڀائرن ۾ جذب ٿي سنڌ جي مفادن خاطر ساڻن ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيهن،ٻٽي نظام کي سنڌ جي وحدانيت تي وار سمجهون ٿا،هن وڌيڪ چيو ته ڪنڊيارو سميت سمورن سنڌ واسين کي اپيل آهي ته 30 ڊسمبر تي ڪراچي ۾ اعلانيل جلسي ۾ هر صورت ۾ شامل ٿي سنڌ بچائڻ جي عملي وک کڻن. ان کان اڳ ڊاڪٽر صفدر سرڪي رات دير سان ڪنڊيارو حيدري هوٽل چونڪ تي پهتو جنهن جو ڳوٺ ڄام نورالله کان شاندار استقبال ٿيو،جتي هن سوين ماڻهن کي خطاب پڻ ڪيو جنهن بعد عالمي شهرت يافته درگاهه الهه آباد ۾ رات ترسڻ بعد ناشتو ڪري پريس ڪلب ڪنڊيارو کان ٿيندا درٻيلو،ٺاروشاهه روٽ وسيلي ڪراچي لاءِ روانا ٿي ويا.