حڪومت ڪوڙ پئي ڳالھائي، ليبارٽري سان رابطو ڪيو پر بي خبر ھئا، جسقم چيئرمين
(فهيم ڀٽي، ٽنڊو محمد خان
جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين صنعان قريشي چيو آهي ته شهيد بشير خان قريشي جي جزن بابت حڪومت ڪوڙ ٿي ڳالهائي برطانيه ۾ ڏسيل ليبارٽري سان رابطو ڪرڻ تي انهن جزن کان اڻ ڄاڻائي ظاهر ڪئي ، اسان شهيد جي اصل قاتلن کي وائکو ڪرڻ لاءِ تحريڪ هلائينداسين اهڙن خيالن جو اظهار هن ٽنڊو محمد خان ۾ پريس ڪلب (رجسٽرڊ) جي عهديدارن کي مبارڪون ڏيڻ کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو، هن چيو ته فنڪشنل وارو جلسو سنڌ جي تڪراري مڪاني نظام خلاف ريفرينڊم هو، جنهن ۾ جسقم جي هزارين ڪارڪنن شرڪت ڪئي ، هن 21 ڊسمبر واري اعلانيل ثقافتي ڏهاڙي جي ڀرپور حمايت ڪندي ڪارڪنن کي هدايتون ڪيون ته21 ڊسمبرثقافتي ڏهاڙي جي ريلي ۾ ڀرپور شرڪت ڪن۽ثقافتي پروگرام ڪن،انهي کان اڳ جسقم چيئرمين جو ٽنڊو محمد خان پهچڻ تي سوين ڪارڪنن شهيد بابا چوڪي کان شاندار استقبال ڪيو ۽ کيس گلن جي ورکا سان ٽنڊو محمد خان پهچايو ويو، ٻي طرف پريس ڪلب ( رجسٽرڊ) ٽنڊو محمد خان پهچڻ تي صحافين پاران کيس سنڌ جي سوکڙي اجرڪ جو تحفو پيش ڪيو ويو، ان موقعي تي جسقم وائس چيئرمين آڪاش ملاح، جنرل سيڪريٽري امجد ميهسر ، عامر عباسي، منير نظاماڻي، ظهور هاليپوٽو، پريس ڪلب جو صدر جميل ميمڻ، جنرل سيڪريٽري حيدر شورو، سينئر نائب صدر ذيشان خاصخيلي، نائب صدرمحمد عمر بليدي، ذوالفقار چانڊيو، رمضان شورو، اسفند چانڊيو، منير بروهي، عبدالڪريم نظاماڻي، ، جواد حسين سومرو، زاهد جسڪاڻي، ساحل اياز، فهيم ڀٽي، مانسنگهه ٺاڪر، افتخار ڀٽي ۽ ٻيا موجود هئا.