ثقافت کاتو سنڌي جي غريب ۽ پراڻن فنڪارن جي سار ئي ڪونھ ٿو لھي، شمن ميرالي
لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ)لاڙڪاڻو سنڌ فنڪار سوشل ويلفيئر آرگنائيزيشن پاران ھڪ وڏي گڏجاڻي ڪئي وئي جنھن ۾ سوين فنڪارن ، شاعرن ۽ ميوزڪ سان تعلق رکندڙ فنڪارن تاريخي ريلي پنھنجي آفيس کان لاڙڪاڻو ميڊيا فورم تائين جلوس جي شڪل ۾ پھتي جنھن جي سربراھي شمن علي ميرالي ، شبير سمون ، منظور سخيراڻي ، ماسٽر فتح علي ، جاويد علي بروھي ، عاشق سمون ، جبار گل سانگي ، امجد علي عباسي ، ممتاز ڪنول ، طفيل خان سنجراڻي ، رڪسانھ سورٺ ، زرينھ ناز ، محبوب علي سمون ، شمع منگي ، ذيشان منگي ، اياز ڪورائي ، عاشق نظاماڻي ۽ بين ڪيتران ئي فنڪار شريڪ ٿيا.ان ميڙ کي خطاب ڪندي شمن علي ميرالي چيوتھ ثقافت کاتو سنڌي جي غريب ۽ پراڻن فنڪارن جي سار ئي ڪونھ ٿو لھي . ۽ ڪي ئي فنڪار ويچارا تڙپي تڙپي مري وڃن ٿا مگر انھن کي جيئري ڪجھھ بھ نھ ٿو ملي ۽ مري وڃڻ کان پوءِ صرف ٻھ لفظ چون ٿا تھ تمام سٺو فنڪار ھو ۽انھن جي وڃڻ سان موسيقي ۾ خال محسوس ٿي رھيو آھي. ان موقعي تي ٻين فنڪارن پڻ خطاب ڪيو .