ايندڙ چونڊن ۾ مسلم ق ۽ ف اتحاد ٿيڻ بعد سيٽ ايڊجسٽمينٽ ڪئي ويندي، حليم عادل شيخ
سکر(بيورورپورٽ)سنڌ جي وڏي وزير جو مشير ۽ مسلم ليگ ق سنڌ جي جنرل سيڪريٽري حليم عادل شيخ چيو آهي ته نائب وزيراعظم ۽ مسلم ليگ ق جي مرڪزي اڳواڻ پرويز الاهي پاران مسلم ليگ فنڪشنل جي سربراه پيرپاڳاري سان ملاقات دوران ايندڙ چونڊن ۾ سيٽ ايڊجسٽمينٽ سان اتفاق راءِ ٿيو آهي ۽ ايندڙ چونڊن ۾ ٻنهي ليگ ۾ اتحاد ٿيڻ بعد سڄي ملڪ ۾ سيٽ ايڊجسٽمينٽ ڪئي ويندي، اهڙن خيالن جو اظهار هن سکر ۾ آل پاڪستان مسلم ليگ جي ڊويزنل صدر سردار علي شاهه جي رهائش گاهه تي ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي ڪيون، ان موقعي مسلم ليگ ق سنڌ جو نائب صدر نبوي بخش جاگيراڻي سميت ٻه پڻ موجود هيا. هن وڌيڪ چيو ته اندرون سنڌ ۾ ارڙي جي بيماري جو سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه پاران نوٽيس وٺڻ کانپوءِ صحت کاتي پار ان هنگامي بنيادن تي متاثر ٿيل علائقن ۾ سينٽر قائم ڪيا ويا آهن ۽ انهن تي ويڪسين فراهم ڪئي وئي آهي ۽ متاثر ٿيل علائقن ۾ويڪسين ڪرائڻ لاءِ ڊاڪٽرن جو ٽيمون جوڙيون ويون آهن جيڪي متاثر ٿيل علائقن جو دورو ڪري بيماري ۾ مبتلا ٻارڙن جي ويڪسين ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته مسلم ليگ ق جي سنڌ ۾ نئين سر تنظيم سازي ڪئي پئي وڃي، جنهن ۾ پارٽي لاءِ ڪم ڪندڙ ماڻهن کي اڳتي آندو ويندو ۽ انهن کي ماڻهن کي پارٽي جي عهدن تي فائز ڪيون وينديون، مسلم ليگ ق ايندڙ چونڊن ۾ ڀرپور حصو وٺندي ۽ مخالفن کي عبرتناڪ شڪست ڏيندي، ان موقعي تي حليم عادل شيخ پاران آل پاڪستان مسلم ليگ سکر ڊويزن جي صدر سردار علي شاه کي مسلم ليگ ق ۾ اچڻ جي دعوت ڏني جنهن تي هن دوستن کان صلاح مشوري بعد فيصلو ڪرڻ جو چيو آهي.