اسلام آباد

اسٽيبلشمينٽ، هڪ جنرل ۽ طالبان فيڪٽر بينظير ڀٽو جي قتل جا ذميوار قرار

benazir-wavingاسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) گڏيل قومن پنهنجي جاچ رپورٽ ۾ محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت ۾ اسٽيبلشمينٽ، هڪ جنرل ۽ طالبان فيڪٽر کي ملوث قرار ڏيندي سعود عزيز پاران پاڻمرادو جاءِ واردات کي صاف ڪرڻ جي موقف کي رد ڪندي محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کي عالمي سازش قرار ڏئي ڇڏيو آهي، جڏهن ته ايف آءِ اي پنهنجي جاچ رپورٽ ۾ صرف طالبان کي ملوث قرار ڏيندي حتمي چالان جنرل پرويز مشرف جي گرفتاري سان لاڳو ڪري ڇڏيو آهي. ذريعن موجب اڄ پاڪستان پيپلزپارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي اجلاس ۾ پيش ٿيندڙ جاچ رپورٽ ۾ گڏيل قومن جي جاچ ٽيم پاران محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کي عالمي سازش قرار ڏيندي ان ۾ اسٽيبلشمينٽ، هڪ جنرل ۽ طالبان فيڪٽر کي ملوث قرار ڏنو ويو آهي، جڏهن ته گڏيل قومن اڳوڻي صدر پرويز مشرف جو نالو کڻڻ بدران ان جي لاءِ صرف هڪ جنرل جو لفظ استعمال ڪيو آهي، جڏهن ته راولپنڊي جي اڳوڻي سي سي پي او سعود عزيز پاران اهو موقف ته هن پاڻ جاءِ واردات کي ڌوئڻ جو حڪم ڏنو کي مڪمل طور تي رد ڪندي پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته سعود عزيز اڪيلي سر اهو نه ٿو ڪري سگهي، هن ڪنهن طاقتور ڌرين جي چوڻ تي اهو قدم کنيو ۽ قتل جا سمورا پيرا مٽائي ڇڏيا. گڏيل قومن پنهنجي جاچ رپورٽ ۾ جاءِ واردات کي ڌوئڻ کي قتل کي لئه مٽي ڪرڻ جو اهم سبب قرار ڏنو آهي، گڏيل قومن پنهنجي جاچ رپورٽ ۾ چيو آهي ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي قتل ۾ وڏيون طاقتون ملوث آهن، محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت ۾ پورو نيٽ ورڪ ملوث آهي، جڏهن ته گڏيل قومن پنهنجي جاچ رپورٽ ۾ ريسڪيو1122 جي انچارج جو بيان پڻ شامل ڪيو آهي، جڏهن ته گڏيل قومن جي جاچ رپورٽ مختلف خاڪا پڻ پنهنجي رپورٽ ۾ پيش ڪيا آهن، ٻئي طرف ايف آءِ اي پنهنجي رپورٽ ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي قتل ۾ بيت الله محسود، قاري حسين سميت چئن ڄڻن کي مک جوابدار قرار ڏيندي انهن جي ڊرون حملن ۾ مارجي وڃڻ تي ڪيس کي گهڻو ڪري مڪمل طور تي بند ڪري ڇڏيو آهي. ايف آءِ اي پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي هاءِ پروفائيل ڪيس جي جاچ لاءِ وفاقي حڪومت 6 آگسٽ 2009ع تي ايف آءِ اي کي جاچ جي ذميواري ڏني ۽ جاچ دوران ٺوس شاهديون گڏ ڪيون ويون ۽ 17 اهم ترين شاهدن جا بيان دهشتگردي جي خاتمي جي خصوصي عدالت ۾ رڪارڊ ڪيا ويا. شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي قتل ۾ بيت الله محسود مک ڪردار آهي، جڏهن ته قاري اسماعيل جنهن خودڪش حملي آورن کي تربيت ڏني ان سميت 4 وڏا منصوبو بڻائيندڙ ڊرون حملن ۾ مارجي چڪا آهن ۽ ان حوالي سان سڄو رڪارڊ ڪورٽن ۾ پيش ڪيو آهي. ايف آءِ اي پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته عبوري چالان جي روشني ۾ خصوصي عدالت اڳوڻي صدر جنرل مشرف کي اشتهاري قرار ڏنو ۽ ان جي گرفتاري لاءِ انٽرپول جا اعتراض ختم ڪري ريڊ وارنٽ به ٻيهر موڪليا ويا آهن. ايف آءِ اي پنهنجي جاچ رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو آهي ته پرويز مشرف جڏهن گرفتار ٿيندو تڏهن حتمي چالان ٽرائل ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويندو. فرانزڪ ايڪسپرٽ جي تعاون سان فني شاهدين جي روشني ۾ بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ گرفتار 5 جوابدارن اعتزاز شاهه، شير زمان، رفاقت، حسنين گل ۽ عبدالرشيد جا پاڻ ۾ رابطا هجڻ کي سچ ثابت ڪيو ويو. ايف آءِ اي پنهنجي وڌيڪ رپورٽ ۾ چيو آهي ته جاءِ واردات فوري طور تي ڌوئڻ سان اهم ترين شاهديون مٽجي ويون ۽ اهي هٿ نه اچي سگهيون. رپورٽ ۾ اهو پڻ چيو ويو آهي ته 2007ع ۾ راولپنڊي جي سٽي پوليس آفيسر سيد سعود عزيز ۽ ان وقت جي ايس ايس پي راول ٽائون خرم شهزاد وڙائچ بينظير ڀٽو قتل ڪيس جي جاچ دوران فيبروري ۽ مارچ 2008ع ۾ اعتزاز شاهه، شير زمان، رفاقت، حسنين گل ۽ عبدالرشيد کي گرفتار ڪيو ۽ انهن مان ڪجهه کي ڊيره اسماعيل خان مان هيليڪاپٽر وسيلي فوري طور راولپنڊي منتقل ڪيو ويو ۽ قلم 164 تحت علائقي جي مئجسٽريٽ آڏو بيان قلمبند ڪرايا ويا جن ۾ هنن ڏوهه جو اعتراف ڪيو. جڏهن ته رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته جاءِ واردات کي ڌوئڻ ۽ شاهديون ضايع ڪرڻ تي اڳوڻي پوليس آفيسر سيد سعود عزيز ۽ خرم شهزاد کي جاچ ۾ شامل ڪرڻ جي لاءِ گرفتار ڪيو ويو هو. محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت جي حوالي سان مختلف ادارن پاران ڪيل رپورٽون اڄ شهيد راڻي جي پنجين ورسيءَ جي موقعي تي حڪومت پاران منظرعام تي آنديون وينديون، جڏهن ته ذريعن موجب بلاول ڀٽو زرداري پاران جاچ رپورٽن جي روشني ۾ جنرل پرويز مشرف کي مک جوابدار قرار ڏئي نئين ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ جي اعلان جو پڻ امڪان آهي، جنهن جي بنياد تي ايندڙ چونڊن ۾ چونڊ مهم هلائي ويندي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button