شهدادڪوٽ

ڳوٺاڻن جو تعليم ، صحت ۽ ٻين بنيادي سهوليتن جي کوٽ خلاف مظاهرو

ضمير کرل، شھدادڪوٽ
Shahdadkot; ghoot sobdar mastoi je rah waseen jo sahoolton na malaran kalaf ahtjaj شهدادڪوٽ ۾ ڳوٺ صوبدار مستوئي جي سوين رهواسين تعليم ، صحت ۽ ٻين بنيادي سهوليتن جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، احتجاج ڪندڙ سوين ڳوٺاڻن نادر علي شاهه ، جمال مستوئي، منظور مستوئي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي پنهنجي مطالبن جي مڃتا لاءِ سخت نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا وارن سان ڳالهائيندي چيو ته هُو اصل کان ڀٽو خاندان جا ووٽر ۽ سپورٽر رهيا آهن تنهن هوندي پ پ جي حڪومت هئڻ باوجود سندن جائز مسئلا حل نه ٿا ڪيا وڃن، هنن ٻڌايو ته سندن ڳوٺ قديمي ڳوٺ آهي جتي پيئڻ جي پاڻي ، گئس ، تعليم سميت ٻين بنيادي سهوليتن جي کوٽ آهي، جنهن ڪري هتان جا رهواسي ههڙي دؤر هوندي به عذاب واري زندگي گذارين ٿا ، هنن تڪ جي ايم اين اي فريال ٽالپور کان مطالبو ڪيو آهي ته قديمي پ پ جي وو ٽرن جي نظر ثاني ڪري سندن مسئلا حل ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾ هنن شهيد راڻي جي مزار آڏو پهچي سخت احتجاج ڪرڻ جو چتاءُ ڏنو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button