مختصر خبرون

ڪنڊيارو ۾ چونڊون مڪمل ٿيندي ئي انتقامي ڪارواين ۽ چوري جي وارداتن ۾ اضافو

اياز عباسي، ڪنڊيارو
چونڊون مڪمل ٿيندي ئي انتقامي ڪارواين ۽ چوري جي وارداتن ۾ اضافو اچي ويو آهي،ان سلسلي ۾ گذريل رات نامعلوم چور ٻيلي کاتي آفيس جي احاطي ۾ بيٺل ڪار چوري ڪري فرار ٿي ويا آهن،ٻئي طرف نامعلوم چور ڀٽا برادري جي نيڪ مرد ۽ سئي گئس کاتي جي آفيسر شفقت ڀٽو جي اوطاق تي چڙهائي سندس نوڪر ڪوڙو کوکر کي اغوا ڪرڻ بعد هڪ ڀلوڙ نسل جي مينهن پڻ چوري ڪري فرار ٿي ويا آهن ۽ ڪجهه پنڌ مفاصلي تي وڃڻ بعد مغوي سخت مارڪٽ جو نشانو بنائڻ بعد سندس هٿ پير ٻڌي کيس ڦٽو ڪري ويا آهن.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button