مختصر خبرون

پاڪستان سني تحريڪ لاڙڪاڻو ڊويزن جو ھڪ اھم اجلاس لاڙڪاڻي ۾ منعقد ٿيو

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ)پاڪستان سني تحريڪ لاڙڪاڻو ڊويزن جو ھڪ اھم اجلاس ضلعي آفيس بندرورڊ تي صوبائي اڳواڻ مولانا علي نواز قاسمي جي زير صدارت منعقد ٿيو اجلاس ۾ ضلعي ، تعلقي ۽ تحسيل سٽي جي اڳواڻن ڀرپور شرڪت ڪئي اجلاس ۾ عام انتخابات ۽ موجودھ ملڪي حالتن بابت مرڪزي تنظيمي پاليسي بابت واچاريو ويو. اجلاس ۾ خطاب ڪندي مولانا علي نواز قاسمي چيوتھ عدليھ جو احترام اسان جو اولين فرض آھي ڪراچي سميت سڄي ملڪ جا حالات خراب ڪري اليڪشن روڪڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. حڪومت اتحاد ي جماعت ڪراچي کي يرغمال بڻائي عدليھ کي دھشت زدھ ڪرڻ جي ڪوششن ۾ سرگرم آھي جيڪو آزاد عدليھ ۽ نظريھ پاڪستان جي خلاف آھي. اسان ھن جي ھر سطح تي مذمت ڪندا رھنداسين پاڪستان سني تحريڪ ھڪ فلاحي اسلامي رياست جي قيام جي لاءِ ايندڙ اليڪشن ۾ پوري پاڪستان جيان لاڙڪاڻي مان بھ پڻ اميدوار بيھاريندي . اجلاس ۾ ضلعي صدر عبدالرشيد قاسمي عمران عطاري بابو کھاوڙ ، غلام محمد قاسمي ، منظور احمد قريشي ، حافظ مدد علي سومرو ، ۽ ٻيا موجود ھئا.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button