سکر

مسلسل سازشن باوجود موجوده جمهوري حڪومت پنج سال پورا ڪري رهي آهي، فردوس عاشق اعواڻ

Firdos Ashiq Awan سکر(رپورٽ؛عمر سومرو)وفاقي وزير فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته مسلسل سازشن باوجود موجوده جمهوري حڪومت پنج سال پورا ڪري رهي آهي، پيپلزپارٽي پنهنجي شهيد قائد جي ڏنل مشن کي اڳتي وڌايو آهي، سکر ايئرپورٽ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري جي سياسي شروعات تازي هوا جي لهر جيان آهي، هو 5 6 سيڪڙو نوجوانن جي اڳواڻي ڪندو، جيڪي ماڻهو پپيلزپارٽي کي ختم ڪرڻ لاءِ سرگرم آهن سندس خواب ڪڏهن به پورو نه ٿيندو، ان موقعي تي وفاقي وزير ارباب عالمگير چيو ته محترمه شهيد جان جو نظرانو ڏئي جمهوريت کي مضبوط ڪيو، اهو ئي سبب آهي جو اڄ ملڪ ۾ جمهوري راڄ قائم آهي. هن چيو ته سياسي مخالفن کي چيلينج ٿا ڪريون ته هو سياسي ميدان ۾ مقابلو ڪن. ملڪ جا 5 8 سيڪڙو روڊن جو ڪم ٿي چڪو آهي، ان موقعي تي سندس گهر واري عاصمه ارباب جهانگير پڻ موجود هئي. هوڏانهن پيپلزپارٽي پنجاب جي اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته محترمه شهيد يونٽي جي علامت آهي ۽ سندس شهادت بعد ملڪ اندر جمهوريت وارو عمل جاري آهي، سندس مشن کي جاري رکيو ويندو. ٻئي طرف فضل ڪريم ڪنڊي، نظر محمد گوندل سکر ايئرپورٽ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 7 2 ڊسمبر دنيا جي سياسي جماعتن لاءِ اهم ڏهاڙو ۽ ملڪي تاريخ ۾ هميشه زنده رهندو، هنن چيو ته محترمه بينظير ڀٽو شهيد دنيا جي ليڊر هئي، جنهن کي پوري دنيا جمهوريت جي علمبردار طور سڃاڻي ٿي. هنن چيو ته موجوده حڪومتي دور ۾ رڪارڊ ترقياتي ڪم ٿيا آهن، نگران حڪومت جو مطالبو وقت کان اڳ جون ڳالهيون آهن. جڏهن ته ايم اين اي افضل نديم چن چيو آهي ته ملڪ اندر ايتري ڪرپشن ناهي جيتري واويلا ڪئي پئي وڃي، پارليامينٽ کان ڪيتريون ئي شيون لڪايون ويون آهن، هن چيو ته وڏن ادارن جو به احتساب ٿيڻ گهرجي ۽ انهن جي آڊٽ به ٿيڻ گهرجي، هن چيو ته پارٽي سميت ملڪ مان ڪرپشن جي خاتمي لاءِ جدوجهد جاري آهي، زراعت لاءِ جيترو پ پ دور ۾ ڪم ٿيو اڳ اوترو ڪڏهن به ناهي ٿيو. هوڏانهن شهيد بينظير ڀٽو جي ورسي ۾ شرڪت لاءِ سياسي اڳواڻن جي سکر ايئرپورٽ تي آمد جي موقعي تي سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪندي پوليس ۽ رينجرز جا اٽالا مقرر ڪيا ويا آهن.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button