مختصر خبرون

صوبائي وزير اطلاعات شهيد ذوالفقار علي ڀٽو۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي مزار تي حاضري ڀري

لاڙڪاڻو(بيور رپورٽ)سنڌ جي صوبائي وزير اطلاعات شرجيل انعام ميمڻ ڪالھ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو ۽ ٻين شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀري فاتح پڙهي ۽ گلن جون چادرون چاڙهيون. ان بعد هن سيڪريٽري اطلاعات سنڌ نور محمد لغاري سان گڏجي سنڌ اطلاعات کاتي لاڙڪاڻي جي طرفان شهيدن جي مزار تي شهيد بينظير ڀٽو جي زندگي بابت لڳايل ڪتابن جي اسٽال جو دورو ڪيو. جتي ڊائريڪٽر انفارميشن لاڙڪاڻو غلام رسول گاد ۽ انفارميشن آفيسر درشن لال لڳايل اسٽال بابت ڄاڻ فراهم ڪئي. ان موقعي تي صوبائي وزير ڳالهائيندي چيو ته ڳڙهي خدابخش اسان جو سياسي قبلو آهي هنن توهان ۽ اسان جي حقن خاطر پنهنجي جان جو نذرانو ڏنو. ان موقعي تي وزير اعليٰ سنڌ جي ميڊيا ڪوآرڊينيٽر تاج حيدر پڻ پنهنجي فيملي سميت اسٽال جو دورو ڪيو. جڏهن ته ڊيرا اسماعيل خان جي ايم پي اي سنجيده يوسف ۽ زاهد يوسف پڻ پنهنجي فيملي سميت مزارن تي حاضري ڀري ۽ اطلاعات کاتي لاڙڪاڻي طرفان لڳايل ڪتابن جي اسٽال جو دورو ڪيو.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button