لاڙڪاڻو

صدر آصف علي زرداري اهڙِي سياست ڪئي آهي جو مخالف وائڙا ٿي ويا آهن، قائم علي شاھ

Chief-Minister-Sindh Qaim Ali Shahلاڙڪاڻو(بيور رپورٽ)وزير اعليٰ سنڌ سيد قائم علي شاهه شهيد بينظير ڀٽو جي 5 ورسي تي ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ هڪ وڏي جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته شهيد راڻي بينظير ڀٽو عوام کي پنهنجي اولاد کان وڌيڪ سمجهندي هئي، هوءَ عيد جي ڏينهن به پنهنجي اولاد کي ڇڏي عوام سان پاڪستان ۾ عيد ڪرڻ آئي ۽ هن عوام جي حقن خاطر 30 سال جدوجهد ڪئي ۽ 18 آڪٽوبر تي ڪارڪنن کي چيو ته مونکي توهان جي جان پياري آهي. هن هارين، مزدورن جي حقن خاطر قرباني ڏني ۽ عوام جي حقن لاءِ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو جيڪي قربانيون ڏنيون آهن ان جو مثال ڪنهن به پارٽي ۾ نه ٿو ملي. هن وڌيڪ چيو ته اڄ اسان جو پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جيڪو شهيد بينظير ڀٽو جي صورت ۽ ان جهڙي سيرت رکندڙ آهي اهو باقائده سياسي سفر جو آغاز ڪندو. وزير اعليٰ سنڌ وڌيڪ چيو ته اسان لکن جي تعداد ۾ بيروزگار نوجوانن کي روزگار ڏنو آهي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو چوندو هو ته جيڪي به وسائل آهن اهي غريبن جي لاءِ استعمال ڪيا وڃن ۽ رهيل نوجوانن کي به روزگار ڏنو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته شهيد بينظير ڀٽو جي 5 نقاطي پروگرام ۾ اهو به هو ته روزگار سڀن جي لاءِ. هن چيو ته هي پارٽي نوجوانن جي آهي ۽ پارٽي ڪڏهن ته نوجوانن کي مايوس نه ڪندي. هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو وارو جذبو رکي ٿو ۽ اهو نوجوانن جي خدمت ڪندو. هن وڌيڪ چيو ته اسان جي پارٽي جي نوجوانن ڪوڙا کاڌا، ڦاهيون کاڌيون ته به جيئي ڀٽو جا نعرا هڻدا رهيا. هن چيوته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي شهادت کي 35 سال گذريا آهن ۽ شهيد بينظير ڀٽو جي شهادت کي 5 سال گذريا آهن پرنوجوانن ۾ ساڳيو ئي جذبو ۽ ولولو آهي. اسان جا ڪارڪن هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهن ۽ تاريخ ۾ اهو جذبو ڪنهن به پارٽي ۾ نه ٿوملي. هن وڌيڪ چيو ته صدر آصف علي زرداري اهڙِي سياست ڪئي آهي جو مخالف وائڙا ٿي ويا آهن. هن چيو ته مان عوام مان اميد ٿو ڪريان ته آئنده اليڪشن ۾ به پ پ پ کي ووٽ ڏئي ايندڙ 5 سالن لاءِ عوام جي خدمت ڪندي. ان موقعي تي مرڪزي ۽ صوبائي پ پ پ اڳواڻن پڻ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button