مختصر خبرون

سکر: شنگريلا هوٽل مالڪ جي پٽ کي گوليون هڻي زخمي ڪيو ويو

سکر(بيورورپورٽ)سکرجي ميناره روڊ تي نامعلوم هٿياربندن شنگريلا هوٽل مالڪ جي پٽ نعمان کي گوليون هڻي زخمي ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا، زخمي کي خانگي اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو، سکر بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ميناره روڊ تي نامعلوم موٽر سائيڪل هٿياربند سکر جي شنگريلا هوٽل مالڪ جي پٽ نعمان کي گوليون هڻي زخمي ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا ، زخمي کي سکر جي خانگي اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو آهي، واضح رهي ته رات دير سان شنگريلا هوٽل مالڪ جو پٽ نعمان انصاري هوٽل بند ڪرڻ بعد ٻن موٽر سائيڪلن تي ڀائرن ۽ ملازمن سان گڏ گهر وڃي رهيو هو ته ڄاڻايل هنڌ نامعلوم هٿياربندن کيس زخمي ڪري ڇڏيو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button