شاعري

سنڌ پُڇي ٿي بس اِهو ئي …….؟؟؟

ادريس نھڙيو
ديس منهنجي کي رڳو ، رت روئاريو ڇو ويو….؟
سنڌ پُڇي ٿي بس اِهو ئي ، هُن کي ماريو ڇو ويو….؟

هِن وطن سان ڪئي چڱائي ، پر ملي هُن کي ڇو ڦاهي….؟
شهيد ڀُٽي کي ڀلا ، سولي چاڙهيو ڇو ويو….؟
Supporters of assassinated opposition leader Benazir Bhutto crowd around an ambulance carrying her body during her funeral procession in Garhi Khuda Bukhsh near Nauderoشهيد پيءُ جو جانشين ، پُٽ ته هو شاهنواز
پر فرانس ۾ انهي کي ، زهر پياريو ڇو ويو….؟

مير مرتضيٰ ڀُٽي کي ، گهر اڳيان گوليون هڻي
موت جي ننڊ هميشه ، لئه سمهاريو ڇو ويو….؟

سانجهي ٽاڻي هڪ نياڻي ، سنڌ ڄائي سنڌ راڻي
بينظير جي جسم جو ، روح اُڏاريو ڇو ويو….؟

منهنجِي ڀٽڪيل قوم جو ، راهو به رهبر هُيو
تنهن فاضل سان ڀلا ، وير پاڙهيو ڇو ويو….؟

هو محافظ سنڌ جو ، هڪ بشير خان هو
خون غيرت مند جو ، ايئن ٺاريو ڇو ويو….؟

هڪ بهادر بي ڊپو ، سنڌي هو مظفر ڀٽو
رات جا رهزن ٻُڌايو ، سو اُجاڙيو ڇو ويو…؟

ڪيترا جوڌا ۽ دودا ، هاءِ هوشو شهيد ٿيا
سُور سُورهيه بادشاهه جو ، سيني اُڀاريو ڇو ويو ….؟

وقت جا ويري يزيدو ، ڏيو جواب ادريس کي
هُت سانگهڙ ۾ سنڌين کي ، جيئري ساڙيو ڇو ويو….؟

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button