مختصر خبرون

سنڌ پرفيسرس، ليڪچررس ايسوسيئيشن جو گڏيل اجلاس لاڙڪاڻي ۾ منعقد ٿيو

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ)سنڌ پرفيسرس، ليڪچررس ايسوسيئيشن (سپلا)ضلعي لاڙڪاڻي ۽ ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جو گڏيل اجلاس سپلا سکر ريجن جي صدر پروفيسر سيد غلام اصغر شاھھ جي صدارت ھيٺ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ ٿيو جنھن ۾ ٻنھي ضلعن جي سمورن يونٽن جي عھديدارن ۽ ميمبر وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ تنظيم سازي تي ويچارڻ کان علاوھ اھو فيصلو ڪيو ويو تھ فيبروري ۾ تعليم جو ھفتو ملھايو ويندو اجلاس ۾ اھو مطالبو پڻ ڪيو ويو تھ سنڌ جي سمورن ڪاليجن ۾ مستقل پرنسيپال رکيا وڃن ۽ ٻھراڙي جي ڪاليجن ۾ استادن جي کوٽ کي ختم ڪيو وڃي اجلاس کي خطاب ڪندي پرفيسر سيد غالم اصغر شاھھ ، پروفيسر محرم ڪلھوڙو ، پروفيسر لياقت ابڙو ، پروفيسر حافظ شبير احمد سومرو ، پروفيسر عبدالجبار جوڻيجو ، پروفيسر رضوان گل ، پروفيسر احسان دانش ۽ ٻين چيوتھ سپلا ڪاليجي استادن جو گڏيل فورم آھي ھن تنظيم استادن جي حقن لاءِ جدوجھد کان علاوھ سمورن تعليمي ادارن اندر تعليم جي بھتري لاءِ پڻ ڀرپور ڪم ڪيو آھي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button