آرٽيڪل

سنڌ وڏو واپار او سائين..!

اسلم نهڙيو
اڪثر ڪري اسان وٽ برادرين ۾ ائين ٿيندو آهي، ته ڪو هڪ ماڻهو ڪا چڱي ڳالهه/روايت وجهڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ته انهي ۾ڪجهه منفي سوچ رکندڙ ماڻهو پنهنجي حصي جو ڪردار ضرور نڀائيندا آهن، جيئن هن دفعي به پهرين جيان سنڌ ۾اسان سان پنهنجا ئي ثقافت ۽ ايڪتا جي نالي ۾ مذاق ڪري رهيا آهن، هرڪو پنهنجي ديڱڙي الڳ چاڙيو ويٺا آهن. انهن جا به اسان جي اڳواڻن وانگر پنهنجا ذاتي مفاد سنڌ کان وڌيڪ عزيز اٿن، تڏهن ته اُهي چاهين ئي نٿا ته اسان جا اهي سٻاجهڙا ماڻهو پنهنجون خوشيون به ڪي گڏجي سڏجي اجتماعي طور تي ملهائين، جڏهن ته اسان مان هرڪواهو چوندي ڪڏهن به ڪونه ڍاپندا آهيون ته اسين هزارون سال تهذيب رکندڙ قوم آهيون، اسان جو شوهڪار ماضي آهي ۽ سنڌ واسين جو هڪ ئي مقصد آهي خوشحال ۽ خودمختيار سنڌ ته پوءِ انهي ۾ اهڙا پروگرا۾ ۽ ڏيهاڙا ٻن ڏينهن ۾ هڪ ثقافت جي نالي ۾ ٻيو وري ايڪتا جي نالي ۾ ڇو پيا ملهايون!؟. makli-2اي سنڌ وطن سان پنهنهجي ازلي عشقن جا عهد وچن ڪندڙ ۽ تبدلي پسندن جا رول ماڊل دانشورو!اسان جي سٻاجهڙن سنڌين کي ڏسو جيڪي توهان جي انهن ٻنهي سڏن کي دل جي گهراين سان هر دفعي لبيڪ چئي ميدان ۾ لهن ٿا پر توهان هن دفعي به پنهنجي هٿرادو هوڏ تان ڪونه ٿا لهو، هن عيد جهڙي خوشي کي به رواعتي ڪاڄ ڪري ملائڻ تي ڇو ٿا مجبور ڪيو، ڪيترائي ماڻهن توهان جي ذاتي ۽ ڪاروباري رنجشن جي ڪري انهي کي مختلف نالا ڏئي رهيا آهن، ڪجهه ڪاروباري ماڻهوسنڌين سان ٽوپي ڊرامون ڪري رهيا آهن، توهان جي انهي عمل جي ڪري ڪيترائي نوجوانن دوست دلبرداشته ٿي ڪري انهي ڏينهن کي ملائڻ ئي ڇڏي ڏنو آهي. “سنڌي منهنجي امان” ناهي سنڌ اسان سڀني جي امان آهي پيو انهي کي صرف منهنجي ڪري ڇو ٿو پڪاريو وڃي، اهيو ڏينهن جڏهن اجتماعي آهي ڪنهن ماڻهن ۽ ادارن جي نالي ڇو پيو ڪيش ڪرايو پيو وڃي!، سنڌ کي ماءُ جو درجو ڏيندڙ(سنڌ وڏو واپار او سائين) ڪري پيش ڪري رهيا آهن ڪمرشل سنڌ پرست سيٺيا عوام جي سمنڊ کي سندن ڪوٺ تي ڪهي آيل سمجهي انهن سٻاجهڙن کي وطن دوستي جو سرٽيفڪيٽ ڏين ٿا ته هي سنڌ جيجل سان ازلي عشق جو ناتو نڀائڻ آيا آهن. دهل وڳو ديس نچيو،نياڻين کان رقص ڪرائي ڌرتئ جي تهذيب جو تقدس پائمال ڪري اڃان تائين خوش نه آهن، ڇو جو هي سڀ ڪريڊيٽ کڻڻ جي چڪر ۾ آهن. اسين سنڌي ماڻهو سڀ محروميون ۽ غلامي جا ڦٽ وساري انهي ڏينهن تي نچڻ کي لڳي ويندا آهيون، جنهن کي جڳهه جهان به ڏسندو رهي ٿو ۽ توهان به ڏٺو هوندو، پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته انهن چڱن مڙسن کي اڄ تائين ٽڪي جو به احساس ڪونهي ته انهن غريب مسڪين ماڻهن سان اسين ڇا ڪري رهيا آهيون!، جن وٽ ٻن ويلن جي ماني مسئلو هجي پر پوءِ به بقول توهان جي ته “ايڪي، ٽيويهه” تاريخ تي گڏ ٿي پنهنجو سنڌي هئڻ جو ثبوت ڏيندا، ۽ اسان پنهنجو سنڌي هئڻ جو ثبوت ته هر دفعي توهان جي انهي ڪاروباري ڪاڄ ۾ ٻنهي ڏينهن تي توهان کي پنهنجي ٻارن ٻچن سان گڏ ثقافتي رنگ ۾نچي ۽ ڪُڏي سنڌي هئڻ جو ثبوت ڏيندا رهيا آهيون، پرافسوس جو توهان اسان کي پنهنجو سنڌي هئڻ جو ثبوت ڪونه ڏنو آهي توهان اسان کي صرف ئي صرف ڪاروباري ۽ ڌندوڙي ۽ ڌڙابندي جي صورت ۾ اسان سان تادي ڪري رهيا آهيو، انهن ٻن تاريخن کي پنهنجي ۽ پنهنجي اداري جو انا جو مسئلو سمجهي ڪري پنهنجي ذاتي مفادن ۽ پنهنجي چڱن مڙسي ڏيکارڻ جي چڪر ۾ اسان جي سٻاجهڙي قوم کي ڀولڙن جيان نچائيندا رهو ٿا، پرالله سائين توهان کي خبر ناهي ته ڪڏهن اهڙي ديد ڏيندو جو توهان اسان سان اهيا تائدي ختم ڪري سڀ گڏجي ڪري اهيو ڏينهن هڪ ٿي ملهايون ته ڪيترو نه سُٺو لڳي!. جڏهن اسان اليڪٽرانڪ ميڊيا تي اهي منظر ڏسندا آهيون ته اسان کي اڃان به وڌيڪ ڏک ۽ تڪليف پهچندي آهي ته هر ٽي وي چينل صرف پنهنجي قصيدن جا منظر ڏيکاري رهيو هوندو آهي ته فلاڻي جي سڏ تي ماڻهن جو سمنڊ اٿلي پيو………۽ ٻيا اهڙائي چاپلوسي پروگرام نشر ٿيندا رهندا آهن، جن ۾ توهان جي چينل جا قصيدا چيا ويندا آهن، آخر اها ڊرامي بازي ڪڏهن ختم ٿيندي؟ هي سنڌ ڌرتي جي خلق خدا جو ڏيهاڙو آهي يا توهان مفاد پرست، ڪمرشل سيٺين جو ڪمائي جو ڏينهن آهي جو هر ادارو پنهنجي نالي ڪيش ڪرايو ٿو. توهان اسان جي انهن خوشين کي به حصن پتين ۾ ورائي ڏيکاريو ٿا ته اسين سنڌي هن ڏينهن تي به پاڻ ۾ هڪ ۽ گڏ نه آهيون. جڏهن ته هي اسان سڀني سنڌ واسين جو اجتماعي پروگرام آهي جنهن کي به هي پنهنجي پنهنجي اداري جي نالي ڪيش ڇو ڪرائيندا رهن ٿا؟! تڏهن ته انهي ثقافتي ۽ ايڪتا ڏيهاڙي کي به هڪ ڪاڄ جيان ڏيکاريندا رهن ٿا، مطلب ته جنهن ٽي وي چينل تان هي پروگرام ٽيليڪاسٽ ٿيندي جيڪڏهن ڏسندا هوندا ته اهو ڪاڄ جو منظر کانسواءِ ڪجهه به نه هوندو صرف پنهنجي پوسٽرن، بينر، لوگن ۽ قصيدن وارا منظر ڏيکاري رهيا هوندا آهن، جنهن غريبن جيترو انهن چينلن جي پوسٽرن بينرن ۽ رپورٽرن تي جيترو خرچ ڪيو هوندو انهي کي ايترو ئي وڌيڪ ڏيکاريو ويندو آهي، جئين ڪا اسٽوري ٽيليڪاسٽ ڪري رهيا هجن، اسان جي انهي سماج ۾ نالي جا بکيا پوءِ انهي ادارن جي رپورٽرن جي ڇاڻي ڀرڻ ۾ پورا سورا هوندا آهن، پوءِ پنهنجو نالو نيوز ۽ رپورٽرن ۾ ٻُڌڻ لاءِ آتا هوندا آهن.
جيڪڏهن توهان پاڻ ۾ هڪ تاريخ تي اهو پروگرام ڪرڻ تي متفق نه ٿا ٿيو ته انهي ۾ اسان سنڌ واسين جو ڪهڙو ڏوهه؟، توهان پاڻ کي صحافت جا عملبردار ٿا چورايو توهان صحافت سان به ڊرامابازي ٿا ڪريو انهي لاءِ جو ڪن ادارن لاءِ ايڪي تاريخ وارو پروگرام ڄڻ ٿيو ئي نه هجي ته ڪنهن لاءِ وري ٽيويهه تاريخ وارو پروگرام ايتري تائين جو هي هڪ ٻئي جي پروگرام کي ڪوريج ڏيڻ ئي پسند نه ڪندا آهن، ڇا اهيا آزاد صحافت آهي يا ڪاروبار؟!. ساڳيو ئي حشر انهن ادارن جي اخبارن سان به آهي، مطلب ته هي ڪٽ ڪٽان لڳي پئي آهي. اخبارون ۽ رپوٽون توهان تي شاهد آهن،اڳ ۾ ئي اسان وٽ صحافت بدنام ٿيندي ٿي وڃي مٿان وري توهان جهڙا معتبر شخص/ ادارا جيڪڏهن قومي پروگرامن کي به برادري ڪاڄ جي انداز ۾ پيش ڪندا ته پوءِ توهان جيڪي سڄو ڏينهن سنڌ ۾ تبديلي ۽ انقلاب آڻڻ جا ليڪچر پيا ڏيو سي وري ڪهڙي ڪم جا؟
جڏهن ڪنهن ماڻهو اسان جي ٽوپي ۽ اجرڪ تي تنقيد ڪئي ته اسان ڪاوڙ ۾ اچي اهو ڏينهن گڏيل طور تي ملهايوسين ته دنيا جي ماڻهن ڏند آڱريون اچي ويو ته هي وري ڇا؟ ڪٿان ماڻهن جو سمنڊ اُٿلي پيو آهي، جنهن کي وري ڪجهه سالن کان ڪنهن بد نظر جي نظر لڳي وئي جو اسان هاڻ انهي کي به تضاد جي ور چاڙهي رهيا آهيون. آخر ڇواسان انهي ڏينهن کي ثقافت ۽ ايڪتا جي نالي ۾ مذاق بڻائي رهيا آهيون؟ ڇا انفرادي طور بجاءَ اسان کي اهو ڏينهن پهرين جيان اجتماعي طور ملهائڻ نه گهرجي ها ؟ جيڪو بهتر به ٿئي ها !، پر افسوس جو انهي پويان به توهان پنهنجي ڌنڌي جا ڪي راز رکي ثابت ڪيو ته سنڌ جو نالو هن دور ۾ سڀ کان وڌيڪ منافعي بخش ڪاروبار آهي. هي ڏينهن توهان سان ته هر ڪو ملهائي ٿو پر افسوس جو توهان پاڻ ۾ گڏ ٿي نٿا ملهائي سگهو. مهرباني ڪري سياسي اداڪارن وانگر سنڌ جي نالي تي اهڙا ڊراما نه ڪريو. هڪ ته توهان جي انهي عمل جي ڪري اسان سنڌ واسين تان ٺٺولون ٿين ٿيون، ٻيو ڪيترن ئي سنڌ واسين کي ڏک به رسيو آهي، جنهن جي توهان کي معافي وٺڻ کپي. جيڪڏهن توهان جو اهو ئي ٽوپي ڊرامورهيو ته شايد اسان اڃان به وڌيڪ حصن ۾ ورهائجي وينداسين. جيڪڏهن توهان کي سياست ڪرڻي آهي ته انهي لاءِ ٻيا ميدان گهڻائي پيا آهن پر صحافت/سنڌ جي آڙ ۾ اسان سنڌ واسين کي خوار خراب نه ڪريو. اسان کي پنهنجي سنڌ جيان انهي جي ثقافت ٻولي ۽ هر شيءَ پنهنجي جان کان به وڌيڪ عزيز آهي، انهي لاءِ اسان نٿا چاهيو ته اهڙو ڪو سنڌ جي نالي ۾ ڊرامو ڪيو وڃي، جنهن سان دنيا جا ماڻهو اسان جو مثال ڏين ته سنڌي هڪ اهڙي قوم آهي جيڪا پنهنجي ثقافت/ايڪتا جو ڏينهن به هڪ ڏينهن گڏ ٿي نٿا ملهائي سگهن، جنهن ڪري اسان ۾ ويڇاءَ ۽ نفرتون نه پکڙجن ته بهتر ٿيندو. انهي لاءِ اسين توهان جي انهي عمل کي غلط سمجهون ٿا. اسين انهن ادارن جي چڱن مڙسن کي هٿ ٻڌي عرض ٿا ڪريون ته خدار ائين نه ڪريو، هي توهان جي ڌندي جو سوال ڪونهي هي اسان جي سنڌ ڌرتي ۽ انهي جي ثقافت ۽ ايڪي جو سوال آهي. مهرباني ڪري سنڌ ۽ سنڌين سان مذاق نه ڪريو جيڪڌهن توهان انهي جي نالي تي الڳ الڳ ديڳڙيون چاڙهي ويندا ته انهي ڌرتي جو ڇا ٿيندو!، جنهن کي اسين پنهنجي جيجل ماءُ چئون ٿا ۽ پاڻ کي هميشه انهي جا حلالي پٽ سڏرايون ٿا. ڇا ڪا جيجل ماءُ پنهنجن ٻچن کي ڌڙابندي جي صورت ۾ ڏسي سگهي ٿي جيڪا توهان ڪري رهيا آهيو، توهان جي انهي عمل جي ڪري نقصان به اسان جو پنهنجو ئي ٿي رهيو آهي. خدارا توهان کي هڪ دفعو وري به عرض آهي ته ڌڙابندي کان پاسو ڪري اهو ڏينهن ثقافتي يا ايڪتا جي نالي ۾ پر گڏيل طور ملهائجي ته بهتر ٿيندو.
بهتر اهو ٿيندو ته انهن روءَنشن جي بجاءِ ٽيڙو،غزل،شارٽ اسٽُوري جي خالق عظيم ڏات ڌڻين ۽، تعلقه ، ڊسٽرڪٽ رپورٽر بنجي ڌرتي جا سور بيان ڪندڙ صحافين کي پابند بڻايو ته اوهين ڌرتي تي رڳو اهو احسان ڪريو جو پنهجون ڊيوٽيون ايماندارئ سان ڪريو. بند پيل اسڪول ۽ معصوم ٻار اوهان جا منتظر آهن. انهن معصومن جي زندگي ۾ ڪا علم جي جوت جلايو باقي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ رقص جو منڍليون مچائي ڪهڙو ٿا نالو ڪمائڻ چاهيو. هڪ ڏينهن اهڙو به ته ملهائڻ گهرجي. جي سڀ سنڌي بينر کڻي تعليم جي بچاءَ لا ٻاهر نڪري پون، اسان اميد ٿا ڪريون ته اسين شوهڪار تهذيب جا وارث تعليم جهڙي زيورکي به اهڙي ئي هٿي وٺهايون جيڪا حقيقي تبديلي جي شروعات ٿي سگهي ٿي ۽ انهي ۾ اسان کي دير نه ڪرڻ گهرجي.aslam.nohrio@yahoo.com
بدين
03452510171

.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button