مختصر خبرون

سنڌ وارن کي نھ ٻٽو بلدياتي نظام ۽ نھ ئي ڪالاباغ ڊيم گھرجي، شبيران جوکيو

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ)فنڪشنل مسلم ليگ ليڊيز ونگ جي ضلعي صدر شبيران جوکيو مراد واھڻ ۾ ليڊيز ونگ جي ميڙ کي خطاب ڪندي چيو آھي تھ پيپلز پارٽي وارا پنجن سالن ۾ شھيد محترمھ بينظير ڀٽو جي قاتلن کي گرفتار ڪري نھ سگھيا آھن. تھ اھي عام ماڻھن کي ڪھڙو انصاف ڏيندا ، ۽ ضلعي صدر ميڊم شبيران جوکيو چيوتھ ھڪ طرف پ پ پ وارن سنڌ کي تباھھ ڪرڻ لاءِ ٻٽو بلدياتي نظام آندو ۽ جڏھن عوام جو پير سائين پاڳارا جي قيادت ۾ رد عمل ڏٺو تھ وري ڪالاباغ ڊيم جو شو شو ڇڏيو آھي. جيڪو ٻٽي بلدياتي نظام تان ڌيان ھٽائڻ جي سازش آھي. جنھن ۾ ھو ڪڏھن بھ ڪامياب نھ ٿيندا. ضلعي صدر شبيران جوکيو وڌيڪ چيوتھ اسان سنڌ وارن کي نھ ٻٽو بلدياتي نظام ۽ نھ ئي ڪالاباغ ڊيم گھرجي ۽ جنھن پارٽي کي ڪالھھ تائين پاڻ ئي قاتل ليگ سڏيندا رھيا ھئا اڄ انھن سان ڪٺي ويٺا آھن. ۽ صرف ھڪ پارٽي کي خوش ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت جا 43 کاتا ڪراچي ميئر جي حوالي ڪري ڇڏيا آھن. ان کان وڌيڪ سنڌ سان انھن جي غداري جو ڪھڙو ثبوت ھوندو. ۽ اڄ سنڌي قوم پير سائين پاڳارا جي قيادت ۾ ھڪ ٿي رھي آھي. ۽ ھن وقت مسلم ليگ فنڪشنل پھريان کان وڌيڪ مظبوط ٿي رھي آھي. جنھن ۾ ھر مڪتب فڪر شامل ٿي رھيا آھن.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button