لاڙڪاڻو

سنڌ اسان جي امڙ آھي. ۽ اسان کان وڌيڪ ڪوبھ قومپرست نھ ٿو ٿي سگھي، محمد امين مينگل

 محمد امين مينگل ميڊيا سان ڳالھائيندي
محمد امين مينگل ميڊيا سان ڳالھائيندي
لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ)پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ صوبائي صلاحڪار محمد امين مينگل چيو آھي تھ سنڌ اسان جي امڙ آھي. ۽ اسان کان وڌيڪ ڪوبھ قومپرست نھ ٿو ٿي سگھي ۽پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ سان ڪڏھن غداري جو سوچيو بھ ناھي . اھڙن خيالن جو اظھار ھن لاڙڪاڻو ميڊيا فورم جي دوري دوران ڪيو ھن چيوتھ سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ اسان جي ثقافت آھي جيڪا 5 ھزار سال پراڻي آھي ۽ اسان سڀني جو فرض آھي تھ پنھنجي ثقافت کي اجاڳر ڪندار ھون ھن وڌيڪ چيوتھ پاڪستان پيپلز پارٽي پنھنجي قائد شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شھيد محترمھ بينظير ڀٽو جي نقش قدم تي ھلندي غريب عوام جي خدمت ڪري رھي آھي ۽ موجود دور ۾ بي روزگار نوجوانن کي روزگار ڏنو ويو آھي ان موقعي تي لاڙڪاڻو ميڊيا فورم جي صدر سيدمھدي شاھھ آيل مھمان کي ٽوپي ۽اجرڪ جو تحفو پيش ڪيو ان موقعي تي لاڙڪاڻو ميڊيا فورم جا صحافي افسر کھاوڙ ، جاود فاضل نائچ ، سيد سفير شاھھ ، بختيار بگٽي ، علي محمد سرھيو ، شفيق لغار ي ، ارشاد سومرو ، عبدالشڪور سومرو ۽ ٻيا موجود ھئا.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button