آرٽيڪل

بينظير ڀٽو جمهوريت جي ڏيئي ٻارڻ لاءِ پنهنجي رت جو نذرانو ڏنو

شرميلا فاروقي
جنوبي ايشيا جي عظيم ليڊر شهيد جمهوريت بينظير ڀٽو پنهنجي رت جو نذرانو جمهوريت لاءِ ڏنو. شهيد بينظير ڀٽو جي شهادت هڪ قومي سانحو ئي نه آهي پر هڪ عالمي الميو به آهي. محترمه پاڪستان بچائڻ خاطر پنهنجي جان جو نذرانو ڏنو هي ان ئي شهادت جو ثمر هيو جو اڄ پاڪستان ۾ عوام جي حڪومت قائم آهي.آمريت جو رستو روڪڻ جمهوريت جو رستو کولڻ لاءِ محترمه جيڪي سوچ ۽ فڪر پوري قوم ۽ پيپلز پارٽي کي ڏني اهائي پاڪستان جي بقاءَ ۽ استحڪام جو واحد ذريعو هيو. پاڪستان جي 65 سالن جي تاريخ ۾ آمرن جي حڪومتي دور ن جو وڌيڪ حصو آهي. جنهن سان پاڪستان کي ناقابل برداشت نقصان کان سٺا، جيڪي ملڪي تاريخ جا ڪارا باب آهن. محترمه شهيد جنهن کي پاڪستان نه ئي پر سڄي دنياجي سياست تي مڪمل عبور هو ، اها خطرن ۽ نتيجن کان با خبر هئي ۽ ان کي پاڪستان نه اچڻ جو به پورو دٻاءُ هو ، هن جي راهن ۾ هر ممڪن رڪاوٽون پيش ڪيو ن ويون. ابوظهبي ۾ پرويز مشرف ملاقات ۾ هن کي براهه راست ڌمڪايو ويو ته هوءَ پاڪستان نه اچي ۽ خطرن کان به آگاهي ڏني وئي.واضح رهي هن ملاقات ۾ لبنان جو سربراهه سعدالحريري به موجود هو. پر ان تمام خطرن جي باوجود محترمه پاڪستان اچڻ جو فيصلو ڪيو ڇو ته هو سمجهي پئي ته جيڪڏهن پاڪستان نه وئي ته جمهوريت قائم ڪرڻ وارو خواب ڪڏهن به پورو نه ٿيندو، ملڪي وقار کي عالمي سطح تي وڌيڪ ڌچڪو لڳندو ۽ آمريت وڌيڪ ملڪ کي هڙپ ڪندي.پاڪستان جي ائٽمي اساسن جي سيڪيورٽي کي خطرا ٿي سگهن ٿا. ان ئي سوچ ۽ فڪر محترمه کي وطن واپس اچڻ تي مجبور ڪيو. هوءَ پاڪستان ۾ سياسي عمل کي پروان چاڙهڻ جي خواهشمند هئي. هوءَ پاڪستان کي هڪ ترقي آفته ۽ محفوظ پاڪستان ٺاهڻ چاهي پئي.هوءِ بخوبي ڄاڻي پئي ته پاڪستان مخالف لابي ان جو وطن واپسي جي سخت مخالفت ڪندي ۽ اهي پنهنجي مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ محترمه شهيد بينظير ڀٽو کي سڀ کان وڏي رڪاوٽ سمجهن ٿا. پر اهي شايد اهو نه پيا ڄاڻين ته اها ان شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي ڌيءَ آهي جنهن فاهي کائڻ تسليم ڪيو پر آمرن اڳيان جهڪڻ کان انڪارڪيو . تاريخ اهو سبق سيکاري ٿي ته وڏين وڏين طاقتور آمرن جو اڄ ڏينهن تائين ڪوئي نالو وٺڻ وارو ڪونه آهيBenazir-Bhutto-3-480x238 پر ڀٽوازم جو نعرو اڄ به قومن جي ذهنن ۾ گونجي رهيو آهي حالانڪه ڀٽو جو عدالتي قتل ڪندڙ اها ڳالهه پيا ڪن ته ڀٽو جي قتل ٿيڻ سان هن جو نظريو به دفن ٿي ويندو .محترم شهيد ان تاريخي حقيقت تي يقين رکندي هئي ان ڪري ئي هن ملڪي مفادن خاطر پنهنجي جان جو نذرانو ڏنو جان جو قرباني ڪا آسان ڳالهه نه آهي چوڻ ۽ ڪرڻ ۾ زمين ۽ آسمان جو فرق آهي. جان جي قرباني جي دعويٰ ته سڀ ڪندا آهن پر حقيقت هي آهي ته جڏهن جان ڏيڻ جو وقت ايندو آهي وڏا وڏا عاشق به ڀڄي ويندا آهن پر محترمه شهيد ڀٽو تمام خطرن باوجود سمجهي پئي ته هي وقت پاڪستان وڃڻ لاءِ بهتر آهي ۽ پاڪستان بچائڻ جو موذون وقت آهي. قرباني ته محترمه جي خون ۾ شامل هئي جمهوريت لاءِ ان جي خاندان جون سڀ کان وڌيڪ قربانيون ڏنيون آهن. مخالفن هميشه محترمه تي الزام هنيو ته هوءَ پاڪستان وزير اعظم ٿيڻ لاءِ اچي رهي آهي پر وقت ثابت ڪيو ته محترمه صرف پاڪستان بچائڻ لاءِ پاڪستان آئي هئي.اهو چيو ويندو آهي ته ملڪ تي سنڌ سڀ کان وڌيڪ حڪومت ڪئي آهي پر اهي ڀلي ويندا آهن ته قرباني جو لازوال سلسلو به به سنڌ کان شروع ٿيو آهي. اها حقيقت آهي ته جمهوريت جي راهه ۾ اڄ تائين پنجاب آگر به ناهي ڪٽائي.تاريخ کي ٻيهر ورجايو ويو شهيد ڀٽو وانگر هن جي نياڻي شهيد بي بي محترمه بينظير ڀٽو به پاڪستان جي استحڪام ۽ جمهوريت لاءِ ڪارگر ثابت ٿي هن جي شهادت وطن عزيز کي کي هڪ نئي جان بخشي ۽ صدر مملڪت جناب آصف علي زرداري جي صورت ۾ اسان کي هڪ عظيم ومدبر ليڊر مليو جنهن اهڙي مشڪل گهڙين ۾ محترمه جي شهادت سان پاڪستان جي سياست کي شديد خطرو هو پنهنجي شاندار قائدانه صلاحيتن سان هن شديد بحران سان منهن ڏنو ۽ ملڪ کي محفوظ طرفن ڏانهن وٺي ويو.هن محترمه جي عظيم قرباني کي رائگان ٿيڻ کان بچايو.ملڪ جي افراتفري واري ماحول کي منهن ڏنو ۽ هن محترمه جي مشن کي ان جي خواهش موجب اڳتي وڌايو ۽ جمهوريت کي ان جي اصل شڪل ڏني. پاڪستان ۾ پهريون دفعو اصل معنيٰ ۾ مفاهمت جي سياست کي هٿي وٺائي وئي ملڪ جي تمام وڏين جماعتن کي گڏ کڻي عوام جي حڪمراني قائم ڪئي ۽ پاڪستان جو وقار ٻيهر بحال ڪيو ، عالمي منظرنامي ۾ پاڪستان جي اهميت کي اجاگر ڪيو اهي صدر زرداري جون اهي ڪاوشون آهن جيڪي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي خوان جي تڪميل آهن. هاڻي اسين محترمه جي ورسي جي موقعي تي ان کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪيون ٿا ڇو ته جمهوريت جو ڏيئو ان جي رت سان ئي روشن ٿيو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button