شهدادڪوٽ

استادن جو پروموشن نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاھرو

ضمير کرل، شھدادڪوٽ
Shahdadkot;;;ustaadشهدادڪوٽ ۾ سينئر بي ايڊ پاس استادن پروموشن نه ملڻ خلاف احتجاج ڪئي بک هڙتال ڪئي،استادن داد خاراني، ذوالفقار سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ڪوٽو موٽو چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪندي بک هڙتال ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا وارن سان ڳالهائيندي چيو ته جونيئر ۽ جعلي ڊگريون رکندڙ استادن جا پروموشن ڪيا ويا آهن، جنهن ڪري حقدار پروموشن کان مرحوم آهن ۽ سندس هڪ مهيني جي لاڳيتي سخت احتجاج جو ڪو به نوٽيس ناهي ورتو ويو، هنن سينئر استادن سان انصاف ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button