ڪالا باغ ڊيم خلاف قرار داد وقت جلال محمود شاهه اسپيڪر جي ڪرسي ڇڏي ڀڳو هو، سنڌ جو پهريون غدار آهي: نثار کهڙو
مانيٽرنگ ڊيسڪ
سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر نثار احمد کهڙي چيو آهي ته آئون جلال محمود شاهه جو اصل چهرو قوم کي ڏيکارڻ ضروري سمجهان ٿو، هي اهو ئي جلال محمود شاهه آهي جڏهن نواز شريف جي حڪومتي دور ۾ ان وقت مخالف ڌر ۾ رهندڙ پيپلز پارٽي ڪالاباغ ڊئم خلاف سنڌ اسيمبلي ۾ قرارداد پيش ڪرڻ چاهي ٿي ته ان وقت ڊپٽي اسپيڪر/وقتي اسپيڪر جلال محمود شاهه پنهنجي ڪرسي ڇڏي ڀڄي ويو هو ۽ ايوان جو لائيٽون بند ڪرايون ويون هيون. هن اهڙو اظهار ڪالهه سنڌ اسيمبلي جي ڪميٽي روم ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. نثار کهڙي چيو ته جلال محمود شاهه مون کي ايوب کهڙي سان ملائي سنڌ جو غدار قرار ڏنو آهي جنهن تي مون کي تڪليف پهتي آهي ۽ ڪاوڙ به آهي. هن چيو ته جي ايم سيد جو خود چوڻ هو ته جيتوڻيڪ ايوب کهڙي ون يونٽ جي حمايت ڪئي پر هن ون يونٽ ٽوڙڻ ۾ به پنهنجو ڪردار ادا ڪيو هو. اسان ته 1988ع جي عام چونڊن ۾ جلال محمود شاهه جي والد امداد محمد شاهه جي آڏو پيپلز پارٽي اميدوار نه بيهاريو ۽ امداد محمد شاهه کي سنڌ اسيمبلي جو ميمبر ڪرايو هو. نواز ليگ جي ئي حڪومتي دور ۾ جڏهن ڪالاباغ ڊئم خلاف ڪمون شهيد تي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي اڳواڻيءَ ۾ ڌرڻو لڳو هو ته جلال محمود شاهه ڌرڻي ۾ شرڪت نه ڪئي هئي، آئون بشير خان قريشي ۽ ڊاڪٽر قادر مگسي کي سلام پيش ڪريان ٿو جن ڌرڻي ۾ شرڪت ڪئي هئي. جلال شاهه تڏهوڪي وڏي وزير ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم سان ملي بلدياتي چونڊن ۾ حصو ورتو، ان وقت جلال شاهه کي ٻٽو بلدياتي نظام نظر نه آيو. اسپيڪر وڌيڪ چيو ته اهو ئي جلال محمود شاهه هو جنهن حيدر منزل تي ايم ڪيو ايم ۽ بشير قريشي وچ ۾ معاهدو ڪرايو هو، جيئي سنڌ تحريڪ ۽ ايم ڪيو ايم وچ ۾ صلح ڪرائڻ وارو جلال محمود شاهه ئي آهي. ڪنهن کي آڱر کڻڻ کان پهرين پنهنجي ڳچيءَ ۾ جهاتي پائڻ گهرجي ۽ پنهنجو گهر ڏسڻ گهرجي. هن چيو ته سنڌ جو پهريون غدار ته جلال محمود شاهه آهي. هن چيو ته سومر تي سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ اپوزيشن سنڌ پيپلز لوڪل گورنمينٽ آرڊيننس 2012ع تي اسيمبلي جي فلور تي اعتراض ۽ مخالفت ڪرڻ بدران روسٽرم آڏو اچي احتجاج ڪيو، جنهنڪري سندن مخالفت اسيمبلي جي رڪارڊ جو حصو بڻجي نه سگهي ۽ آرڊيننس يڪراءِ سان منظور ٿي ويو، جڏهن ته مون هنن کي بار بار چيو ته جيڪڏهن توهان کي آرڊيننس جي مخالفت ڪرڻي آهي ته پنهنجي بئنچن تي ويهي ڪريو پر هنن نه مڃيو. جيڪڏهن مخالف ڌر وارا ترميمون لکي ڏين ها ته رڪارڊ تي اچي وڃي ها ته انهن ترميمون پيش ڪيون ۽ اعتراض واريو، جيڪڏهن انهن ترميم تي عمل نه ٿئي ها ته پوءِ چئي پئي سگهيا ته حڪومتي ڌر اسان جون ترميمون نه مڃيون. نثار کهڙي چيو ته جلال محمود شاهه جو چوڻ هو ته نئين مڪاني نظام جو آرڊيننس رات جي اونداهي ۾ جاري ڪيو ويو، اهو آرڊيننس اسيمبلي ۾ ڇو نٿو آندو وڃي پر اهو آرڊيننس سومر ڏينهن ائڪٽ جي صورت ۾ اسيمبلي ۾ آندو ويو ۽ منظور به ٿي ويو. هن چيو ته پ پ ايم پي ايز جي گهرن آڏو توا ٽنگيا ويا ۽ چوڙيون اڇلايون ويون پر جيڪڏهن اسين چاهيون ٿا ته پوليس بيهاري ڇڏيون ها پر اسان ائين نه ڪيو. جيڪڏهن اسيمبلي ايترو خراب قانون پاس ڪيو آهي ته پوءِ آرڊيننس جي مخالفت ڪندڙ اعلان ڇو نٿا ته اهي ايندڙ چونڊن ۾ حصو نه وٺندا.