سکر

ڊبليو ڊبليو ايف پاڪستان پنهنجي نئين پروجيڪٽ جي تعارفي ورڪشاپ منعقد ڪيو

بيورورپورٽ،سکر
WWF Workshopڊبليو ڊبليو ايف پاڪستان پنهنجي نئين پروجيڪٽ جي تعارفي ورڪشاپ منعقد ڪيو جنهن ۾ سرڪاري ادارن ڊپٽي ڪنزرويٽر وائيلڊ لائيف، ڊپٽي ڊائريڪٽر فشريز، ڊسٽرڪٽ آفيسر سوشل ويلفيئر ڊپارٽمينٽ، ڊويزنل فاريسٽ آفيسر سکر سميت مير بحر جي نمائيندگي ڪندڙ تنظيم شرڪت ڪئي پروجيڪٽ بنيادي طور تي سنڌو دريا سان منسلڪ مير بحرن سان گڏجي ڪري قدرتي وسيلن جي تحفظ لاءِ جاکوڙ آهي انهيءَ سان گڏ مير بحرن جي معاشي حالت کي بهتر ڪرڻ آهي پروجيڪٽ ڪو آرڊينيٽر علي حسن مهر پروجيڪٽ جي مڪمل پريفنگ ڏني. ورڪشاپ ۾ غلام محمد گڏاڻي،غلام مصطفيٰ گوپانگ،عبدالقدوس ميمڻ،رفيق احمد ماڪو ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button