پي پي ۾ ماڻھو خوشي ۾ نه پر دٻاءَ تحت شامل ٿي رھيا آھن، سيد غوث علي شاهه
سکر:مسلم ليگ ن سنڌ جي صدر سيد غوث علي شاهه چيو آهي ته پيپلز پارٽيءَ ۾ جيڪي به وڏا نالا شموليت ڪري رهيا آهن اهي خوشيءَ سان نه پر دٻاءُ جي تحت پيپلز پارٽيءَ م شامل ٿيا آهن ۽ حڪومت طرفان انهن خلاف حربا استعمال ڪري انهن کي پيپلز پارٽيءَ ۾ آندو ويو اهڙن خيالن جو اظهار هن سکر ۾ همدرد اتحاد فائونڊيشن جي چيئر مين سيد سلطان شاهه جي رهائش گاه تي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو ان موقعي تي ضلعي صدر سرور لطيف شهزادو ڀٽو، سيد سلطان شاهه ۽ ٻيا موجود هئا هن وڌيڪ چيو ته نواب شاهه جو سيد شوڪت حسين شاهه ان مسلم ليگ ن ۾ شامل ٿيڻ لاءِ چيو هو ۽ ان چيو ته نواز شريف جي دوري دوران شموليت جو اعلان ڪندو پر ان تي ايترو دٻاءُ وڌو ويو جو هو ڪنهن جو به انتظار ڪرڻ کان بغير هي پيپلز پارٽيءَ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو مهر برادران به اسان سان ڪيتروئي عرصو گڏ رهيا جڏهن حڪومت انهن جي خلاف حربا استعمال ڪندي آهي ته اهي ڪوڙيون جيلن ۾ سزا ڪاٽڻ کان مجبور ٿي ڪري پيپلز پارٽيءَ ۾ وڃي رهيا آهن اهو وقت ٻڌائيندو ته اهي ڇو ڪيو ويو هن چيو ته سنڌ ۾ اسان جون مسلم ليگ فنڪشنل، اين پي پي ۽ ٽن قوم پرست پارٽين سان ٿيندڙ چونڊن جي اتحاد لاءِ ڳالهيون هلي رهيون آهن هن چيو ته اهو وڏو سانحو آهي ته حڪومت سان اتحادي بلدياتي آرڊيننس لاءِ پنهنجو وزارتون ڇڏي ڏين ۽ بلدياتي آرڊيننس ۾ سڀ کان وڏي خامي اها آهي ته سنڌ ۾ نفرت جو ٻج پو کيو ويو آهي شهري آباديءَ کي سپريم ۽ ٻارهاڻي آباديءَ کي گهٽ ڏيکاريو ويو آهي سنڌ هڪ صوبو نه ٽي صوبا ٻيا به آهن انهن ۾ هڪ ئي نظام هلايو پيو وڃي سنڌ ۾ به ڪراچيءَ کان ڪشمور تائين هڪ ئي انظام نه هلايو ويو ته ماڻهن ۾ نفرتون وڌنديون هنن قتل و غارت گيري جو نئون ٻج پوکيو آهي اها سازش سنڌ جي ماڻهن کي سمجهه ۾ اچي وڃي ته اهي پاڻ ۾ نه وڙهن هن آرڊيننس جو مقصد اهو آهي ته سنڌ جون حالتون خراب ڪيو وڃن هن چيو ته ايندڙ اليڪشن ۾ اسان سڀ گڏ هوندا سين ۽ ڏيکارداسين ته سنڌ جا ماڻهو ڪيترو پيار ڪندڙ آهن هن چيو ته همدرد اتحاد فائونڊيشن جي چيئر مين سيد سلطان شاهه کي مسلم ليگ ن ۾ شموليت جي دعوت ڏني آهي اڳي سيد سلطان شاهه مسلم ليگ ن جي پليٽ فارم تان عوام جي خدمت ڪري ٿو يا همدرد اتحاد فائونڊيشن جي پليٽ فارم تان اسان جي همدردي سيد سلطان شاهه سان گڏ آهي.ٻي طرف مسلم ليگ ن جي تنظيمي صورتحال واضع ٿي وئي صوبائي صدر غوث علي شاهه پاران ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه دوران واضع ڪيو ته سکر ۾ مسلم ليگ ن جو ضلعي صدر صرف سرور لطيف آهي اگر ٻيو ڪو شخص پاڻ کي صدر سڏرائي ٿو ته اهو غلط آهي ۽ ائين ڪرڻ سان باز نه آيو ته ان جي خلاف ايڪشن ورتو ويندو.