سکر

پي پي سنڌ دشمن مڪاني نظام آڻي ڪري سياسي خودڪشي ڪئي آهي، ڊاڪٽر خالد محمود سومرو

Khalid Mehmood Soomroسکر(بيورورپورٽ)جميعت علماءِ اسلام سنڌ جي سيڪريٽري جنرل ۽ اڳوڻي سينيٽر ڊاڪٽر خالد محمود سومرو پاران سنڌ حڪومت طرفان نئين مڪاني ادارن واري نظام کي سنڌ جي وحدت خلاف سازش ۽ سنڌ ۽ ملڪ ٽوڙڻ جي منصوبي جي ابتدا قرار ڏيندي چيو آهي ته جي يو آءِ هن متنازعه ۽ سنڌ ملڪ دشمن منصوبي کي رد ڪري ٿي اهڙي خيالن جو اظهار سکر ايئر پورٽ روڊ تي 14آڪٽوبر تي ٿيندڙ صوبائي سطح اسلام زنده باد ڪانفرنس جي پنڊال جون تيارين جو جائزو وٺڻ جي موقعي تي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو اجلاس جي صدارت مولانا عبدالقيوم حاليجوي ڪئي اجلاس ۾ مرڪزي سالار عبدالرزاق عابد لاکو، صوبائي سالار مولانا محمد قاسم کهاوڙ، مولانا محمد صالح انڍهڙ، مونالا عبيدالله ڀٽو ابن آزاد، حافظ غلامصطفيٰ ٻرڙو، مولانا عبدالحق مهر، آغاسيد محمد ايوب شاهه، حافظ غلام مصطفيٰ سومرو، مفتي سعود افضل حاليجوي ۽ ٻين شرڪت ڪئي ان موقعي تي ڊاڪٽر خالد محمود سومرو سنڌ حڪومت تي سخت تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته حڪومت سنڌ جي مفادن ۽ عوامي امنگن جي برعڪس محض هڪ اتحادي جماعت کي خوش ڪرڻ لاءِ سنڌ دشمن مڪاني نظام آڻي ڪري سياسي خودڪشي ڪئي آهي هن چيو ته حڪومتي وزير عوام کي گمراه ڪرڻ لاءِ اهيا پروپگنٽا ڪري رهيا آهن ته مخالف هن نئين مڪاني نظام کي پڙهيو نه آهي ۽ ان جي مخالف صرف قوم پرست ڪري رهيا آهن هن چيو ته اسان اهو نظام پڙهيو آهي پر حڪمران پنهنجون اکيون بند ڪري ان جي حمايت ڪري رهيا آهن هن نظام خلاف صرف قوم پرست نه پر هڪ لساني پارٽيءَ کان سواءِ تمام سياسي ۽ مذهبي جماعتون احتاج ڪري رهيون آهن پر افسوس جو اقتدار جي حوس ۾ انڌها وزير عوام جي احتجاج کي دٻائڻ لاءِ ڌمڪين تي لهي آيا آهن هن چيو ته 14آڪٽوبر تي سکر ۾ ٿيندڙ اسلام زنده باد ڪانفرنس ۾ 25 لک ماڻهو گڏ ڪري ملڪ ۽ اسلام سان گڏو گڏ سنڌ جي خلاف ٿيندڙ سازشن کي وائکو ڪيو ويندو ۽ سنڌ جو عوام متحد ٿي ڪري اهڙين سازشن کي ناڪام بڻائي ڇڏيندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button