مختصر خبرون

پوليو جي خاتمي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي، بلال احمد ميمڻ

سکر(بيورورپورٽ)ڊپٽي ڪمشنر سکر بلال احمد ميمڻ چيو آهي ته پوليو هڪ موذي مرض آهي، ان جي خاتمي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي ته جيئن هن مرض جو مڪمل خاتمو آڻي سگهجي. هن اهڙو اظهار پوليو مهم جي انتظامن جو جائزو وٺڻ جي سلسلي ۾ سرڪٽ هائوس سکر ۾ ڪوٺايل هڪ گڏجاڻي کي خطاب ڪندي ڪيو. جيئن ته پوليو خلاف هيءَ مهم 15 کان 17 آڪٽوبر تائين صوبي جي ٻين علائقن وانگر سکر ضلعي ۾ پڻ شروع ڪئي ويندي. هن واسطيدار آفيسرن کي هدايت ڪئي ته هن قومي مهم دوران پوليو ٽيمن کي هر طرح جو سهڪار فراهم ڪن ته جيئن هن مهم دوران پنجن سالن تائين جي عمر جو ڪو به ٻار پوليو جا قطرا پيارڻ کان رهجي نه وڃي. هن ڊسٽرڪٽ آفيسر هيلٿ طرفان پيش ڪيل مسئلن جي حل ڪرڻ جو يقين ڏياريو. هن کان اڳ ۾ ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر پوليو مهم دوران ڪيل انتظامن متعلق تفصيلي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڪجهه علائقن ۾ ماڻهو پوليو جا قطرا پيارڻ کان انڪاري آهن، جنهن لاءِ ڊپٽي ڪمشنر کيس هدايت ڪئي ته هو انهن کي راغب ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. سکر ضلعي ۾ ڪل 230165 ٻارن جو ٽارگيٽ آهي جنهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ پوليو ٽيمون تشڪيل ڏنيون ويون آهن ۽ سکر ضلعي جي ٽوٽل يوسيز مان 11 يوسيز هاءِ رسڪڊ آهن. جڏهن ته انڊپينڊنٽ مانيٽرنگ رپورٽ ايس اين آءِ ڊي پاران سکر ضلعي ۾ گذريل سيپٽمبر واري پوليو مهم کي 99 سيڪڙو ڪامياب قرار ڏنو آهي جيڪا هڪ سٺي ڳالهه آهي. هن تعلقه وائيز پوليو جي قطرن جي ريفيوزلز متعلق ڄاڻ ڏيندي ٻڌايو ته سکر ضلعي جي 145 ريفيوزلز مان تعلقي سکر سٽي ۾ 97، تعلقه نيو سکر ۾ 22، تعلقه روهڙي ۾ 15، جڏهن ته تعلقي پنوعاقل ۾ 11 ريفيوزلز موجود آهن. جڏهن ته ڊپٽي ڪمشنر سکر اهڙن ريفيوزلز کي راغب ڪرڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button