خيرپور

پوليس مقابلي بعد سنڌ جي بدنام ڌاڙيل لطيف ڏنو مڱڻهار جي مارجي ويو

khairpurخيرپور(ڊر) اڄ صبح جو ٽنڊومستي ڀرسان ٿيل پوليس مقابلي بعد سنڌ جي بدنام ڌاڙيل لطيف ڏنو مڱڻهار جي مارجي وڃڻ واري واقعي کانپوءِ خيرپور جي ايس ايس پي عرفان بلوچ پنهنجي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي صحافين کي ٻڌايو آهي ته مارجي ويل ڌاڙيل لطيف ڏنو مڱڻهار صالح پٽ جو رهواسي هيو جنهن جي زندهه توڙي مردهه گرفتاري لاءِ سنڌ حڪومت طرفان پنج لک روپيه انعام پڻ مقرر ٿيل هو مارجي ويل ڌاڙيل سال 2005 ۾ ڏوهن جي دنيا ۾ قدم رکيو هن تازو هڪ معصوم ٻارڙي سميت خيرپور جي ٽن واپارين ظهير احمد، عرفان ۽ منصور احمد شيخ ، ٺل واسي ٽي هندو واپارين اشوڪ ڪمار ،رميش ۽ هري مل ۽ کهڙا واسي ٽن ڄڻن شفقت ڪلهوڙو ،شمس الدين ميمڻ ،نعمت عباسي ۽ غلام قادر ميمڻ کي ڀنگ عيوض اغوا ڪيو مارجي ويل ڌاڙيل جي خلاف خيرپور ،سکر ،لاڙڪاڻو ،گهوٽڪي ۽ نوشهروفيروز ضلعن جي مختلف ٿاڻن تي اغوا ڦر ڌاڙن ۽ ٻين رهزني واري وارداتن جا 30 کان وڌيڪ ڪيس پڻ داخل هئا هن وڌيڪ ٻڌايو ته مارجي ويل ڌاڙيل لطيف ڏنو مڱڻهار ماڻهن کي ڀنگ عيوض اغوا ڪرڻ ۾ وڏو ماسٽر مائينڊ سمجهيو ويندو هو مارجي پيل ڌاڙيل جي قبضي مان هڪ ڪلاشن ڪوف ٻه عدد ميگزين ۽ وڏي تعداد ۾ گولين جا رائونڊ پڻ هٿ ڪيا ويا آهن ياد رهي ته اڄ صبح جو ٽنڊومستي ڀرسان خيرپور پوليس مبينه پوليس مقابلي کانپوءِ سنڌ جي بدنام ڌاڙيل لطيف ڏنو مڱڻهار کي مارڻ جي دعوا ڪئي هئي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button