سنڌ جي هندو برادري سان يڪجهتي جو ڏهاڙو ملهائڻ جو فيصلو
بيورورپورٽ،سکر
سنڌ امن فورم پاران سول سوسائٽي جي تنظيمن ۽ امن پسند ڌرين جي سهڪار سان پهرين نومبر تي پاڪستان ۾ رهندڙ مذهبي اقليتن ۽ خصوصي طور تي سنڌ جي هندو برادري سان يڪجهتي جو ڏهاڙو ملهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ان ڏهاڙي تي اتر سنڌ جي 8 ضلعن سکر، خيرپور، گهوٽڪي، شڪارپور، جيڪب آباد، قمبر، شهدادڪوٽ، ڪشمور، ڪنڌڪوٽ ۽ لاڙڪاڻو جي ضلعي سيڊ ڪواٽرن ۾ امن ۽ ڀائيچارو قائم ڪرڻ ۽ هندو برادري سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ لاءِ پر امن ريلين جو اهتمام ڪيو ويندو جڏهن ته منجهند جو سنڌ ۾ امن ۽ هم آهنگي جي پرچارڪ صوفي سنڌ ڀڳت ڪنور رام شهيد جي 73 هين ورسي جي تقريب سکر ۾ منعقد ڪئي ويندي، ورسي جي تقريب ۾ مختلف سياسي، سماجي ۽ مذهبي اڳواڻ ڀڳت ڪنور رام جي شخصيت، فن ۽ سندس ڪيل خدمتن تي روشني وجهندا ان کان سواءِ ٿيٽر، خاڪا ۽ صوفياڻي راڳ جي محفل پڻ منعقد ڪئي ويندي جنهن ۾ ناليوارا صوفي فنڪار جنهن ۾ فقير منور علي ابڙو ۽ ٻيا امن، محبت ۽ ڀائيچاري تي مشتمل صوفي بزرگن جا ڪلام پيش ڪندا پروگرام لاءِ آرگنائيزيشن ڪميٽي پڻ جوڙي وئي جنهن لاءِ پهلاج مل روڏي وزير جي خاص معاون کي چيف آرگنائيزر مقرر ڪيو ويو اهڙو فيصلو اتر سنڌ جي تنظيمن جي اتحاد سنڌ امن فورم جي هڪ خاص گڏجاڻي ۾ ڪيو ويو گڏجاڻي ۾ خادم حسين ميراڻير غلام حسين ميراڻي، غلام مرتضيٰ، ارشاد علي مهر، جان اوڌاڻو، ۽ ٻين شرڪت ڪري پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو.