ٽنڊو محمد خان

ٽنڊو محمد خان ۾ سنڌ بچايو ڪاميٽي پاران عظيم الشان جلسو، عوامي سمنڊ اُٿلي پيو،هزارين ماڻهو شريڪ

فهيم ڀٽي،ٽنڊو محمد خان
Protest against dual systemٽنڊو محمد خان ۾ سنڌ بچايو ڪاميٽي پاران عظيم الشان جلسو، عوامي سمنڊ اُٿلي پيو،هزارين ماڻهو شريڪ، عورتن جي به وڏي انگ شرڪت ڪئي، مرويسون مرويسون سنڌ نه ڏيسون ۽ سنڌ سلامت کپي جا نعرن جي گونج، سڄي شهر جون گهٽيون ۽ روڊ جلسي واري هنڌ ڏانهن وهنديون رهيون، ان موقعي تي خطاب ڪندي سنڌ بچايو ڪاميٽي جي ڪنوينر ايس يو پي جي سربراهه سيد جلال محمود شاهه چيو ته قومپرستن کي ٻيو ڪجهه به نٿو گهرجي اسان کي صرف ۽ صرف سنڌ جي سلامتي کپي، جنهن لاءِ هڪ جان ته ڇا سؤ جانيون به مليون ته واري واري قربان ڪنداسين، هن چيو ته زرداري اهو چوي ٿو ته قومپرستن کي جيڪو به گهرجي اهو ڏيڻ لاءِ تيار آهيون پر اسان کيس ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته سڀ ماڻهو ويڪائو نه آهن ۽ اسان جي تاريخ جدوجهد سان ڀري پئي آهي ون يونٽ هجي يا موجوده حڪومت جو ٻٽي مڪاني نظام وارو ڪارو قانون هجي، اسان هر وقت سنڌ جي سلامتي لاءِ جدوجهد جاري رکنداسين ، هن چيو ته هاڻي سنڌ ۾ ايڪ زرداري ، سڀ پي ڀاري، وارو نعرو نه لڳندو پر سنڌ جي اهو نعرو هوندو، ته زرداري غداري، هن چيو ته اسان لٽيرن کي ڀڄائي پوءِ سک جو ساهه کڻنداسين، جلسي کي خطاب ڪندي ايس ٽي پي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته اسان قومپرست غريب ضرور آهيون پر دلال نه آهيون، اسان وٽ زڪوات جو يا ٻوڏ متاثرين جي امداد جو پئسو ناهي سنڌ جي ماڻهن جي در در تائين پنڻ وينداسين پر سنڌ جي سلامتي لاءِ مزاحمتي جنگ جاري رکنداسين، هن چيو ته اسان جي ابن ڏاڏن هي ڌرتي اسان کي سلامت ڏني آهي ۽ اسان پنهنجي ايندڙ نسلن کي به هي ڌرتي سلامت ڏينداسين، هن چيو ته زرداري الزام هڻي ٿو ته قومپرست نواز شريف جي پئسي تي هلن ٿا پر کيس ياد رکڻ گهرجي ته مشرف ۽ ڄام صادق واري ڪاري دور ۾ اسان پ پ جا اتحادي ٿي رهياسين هو اهو ٻڌائي ته اسان کي هنن گهڻا پئسا ڏنا، هن چيو ته قومپرست پارٽيون اڄ جون پارٽيون ناهن، هن چيو ته آئون ذميواري سان آصف زرداري تي الزام هڻان ٿو ته هن پنهنجي بين الاقوامي آقائن جي دلالي ڪندي هنن جي اشاري تي ايم ڪيو ايم کان پئسا وٺي ڌرتي ماءُ کي وڪيو آهي، اسان برابر يونين ڪائونسل جي سيٽ به ڪو نه کٽي آهي ڇا ڪاڻ ته اسان ڪنهن جنرل جا دلال ناهيون نه ئي اسان وٽ ڪو حرام جو پئسو آهي، هن پنجاب اسٽيبلشمينٽ کي خبردار ڪندي چيو ته سنڌ کي ورهائڻ وارين سازشن کي ٻنجو ڏين ۽ نه ته اسان مزاحمت جي آخري حد تائين وينداسين ۽ سنڌ مان نڪرندڙ تيل، گئس ۽ ڪوئلي جي سپلاءِ کان وٺي نيٽو جي سپلاءِ بند ڪنداسين، جلسي کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايا لطيف پليجو چيو ته سنڌ جي ماڻهن اليڪشن ۾ پ پ کي انهن واعدن تي ووٽ ڏنو هو ته هو اقتدار ۾ اچي ڪراچي جا پنج ضلعا بحال ڪرڻ سميت حيدرآباد کي پنهنجي اصل شڪل ۾ بحال ڪندا، ان لاءِ ووٽ نه ڏنو هو ته هو اقتدار ۾ اچي سنڌ کي ٻه اڌ ڪندا، هن چيو ته توهان ٻه هزار ڏهه ۾ ٽي ڪروڙ ماڻهو ٻوڙيا، ۽ ٻه هزار يارنهن ۾ ٻه ڪروڙ ٻوڙيا ، ۽ ٻه هزار ٻارنهن ۾ ڏيڍ ڪروڙ ٻوڙيا، توهان ملڪ ۾ نئون اسرائيل ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، هن چيو ته ڪراچي جا وسيلا سنڌ جا وسيلا آهن، ۽ سنڌ جي وسيلن تان دست بردار نه ٿينداسين، هن زرداري کي مخاطب ٿيندي چيو ته توسان ڪنهن به قسم جو حساب نه ٿيندو هاڻي سنڌي حساب ٿا گهرن ، زرداري صاحب تون ڪنهنجو ڪنهنجو حساب ڏيندين ، بشير خان جو حساب ڏيندي، يا غزاله بطول جو، شهيد مالڪ نوحاڻي جو حساب ڏيندي، يا علي رضا خاصخيلي جو ، هن چيو ته سنڌ جي کدڙن کي به ايترو ناچ ڪو نه ٿو اچي جيترو هنن حيدرآباد ۾ سنڌ ورهائڻ تي بجان تير بجان تي ڀنگڙو وڌو ۽ هي پهريان ماڻهو آهن جن سنڌ ماءُ کي ورهائي خوشي ۾ جشن ملهايو، جيئي سنڌ تحريڪ جي صدر صفدر سرڪي خطاب ڪندي چيو ته سنڌي چئنلن ۽ اخبارن کي غير ذميواراڻي صحافت بند ڪرڻ کپي، سرڪاري جلسن ۽ عوامي ريفرينڊم ڇا هوندو آهي اهو صحافين کي چڱي ريت سمجهڻ گهرجي، هن چيو ته اسان کان ايوبي آمريت نه وسري آهي ، هن ملڪ اسد سڪندر کي مخاطب ٿيندي چيو ته رهبر سنڌ جي ايم سيد تي ڳالهائڻ کان اڳي کيس اهو سوچڻ گهرجي ته قومي ڪارڪن جيئڙا آهن ۽ هو عربن جي دلالن کي ڪنهن به صورت ۾ اها اجازت نه ڏيندا ته هو جي ايم سيد جهڙي عظيم اڳواڻ تي ڳالهائين. جلسي کي خطاب ڪندي مسلم ليگ ن جي سليم ضياء چيو ته موجوده بلدياتي قانون پ پ ۽ متحده جو ناجائز اولاد آهي جيڪو نئون صوبو ٺاهڻ جي سازش آهي پر حڪمرانن کي اهو ياد رکڻ گهرجي ته جيستائين هڪ سنڌ جو حلالي پٽ جيئرو آهي تيستائين سنڌ کي ورهائڻ جي اجازت نه ڏينداسين، هن چيو ته سڀني غدارين جي سزا مقرر ٿيل آهي صرف ماء جي غدار جي سزا مقرر نه ٿيل هئي پر هاڻي سڀئي سنڌ جا حلالي پٽ اهو طئي ڪندا ته ماء جي غدار جي ڪهڙي سزا هجڻ گهرجي، جلسي کي جسقم جي وائس چيئرمين آڪاش ملاح خطاب ڪندي چيو ته دشمن ڪيتريون سازشون ڪري سنڌ کي ٽوڙي نه سگهندا سنڌ جا جوڌا ڪڏهن به سنڌ ورهائڻ جي اجازت نه ڏيندا، جلسي کي سانا جي اڳواڻ ڊاڪٽر وليد شيخ، قومپرست پارٽي جي چيئرمين قمر ڀٽي، ابرار قاضي، علي حسن چانڊيو، صوفي حضور بخش، اظهر جتوئي، شاهه محمد شاهه، ذوالفقار هاليپوٽو، ڊاڪٽر احمد نوناري، پير خليل جان سرهندي، ڊاڪٽر عزيز ٽالپر، پير معصوم جان سرهندي، پير ثاقب جان سرهندي، مولانا اعظم جهانگيري ، بشير شاهه، ۽ ٻين خطاب ڪيو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button