ٻٽي مڪاني نظام خلاف ٽنڊو محمد خان ۾ احتجاجي جلسو اڄ ٿي رھيوآھي
رپورٽ؛ فهيم ڀٽي, ٽنڊو محمد خان
سنڌ ۾ ٻٽي مڪاني نظام خلاف سنڌ بچايو ڪاميٽي پاران اڄ (سومر) ٽنڊو محمد خان جي مير غلام علي پارڪ تي عظيم الشان احتجاجي جلسو ٿي رهيو آهي، شهر جي مختلف چوڪن ۽ روڊن تي استقباليه ڪئمپوڻ پڻ قائم ڪيون ويون آهن جلسي کي سنڌ بچايو ڪميٽي جو ڪنوينر ۽ ايس يو پي جو سربراهه جلال محمود شاهه، ايس ٽي پي جو سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي، عوامي تحريڪ جو سربراهه اياز لطيف پليجو، جيئي سنڌ تحريڪ جو سربراهه ڊاڪٽر صفدر سرڪي، جيئي سنڌ قومي محاذ جو چيئرمين صنعان خان قريشي، آڪاش ملاح، جيئي سنڌ محاذ جو چيئرمين رياض چانڊيو، جسقپ جو چيئرمين قمر ڀٽي، فنڪشنل ليگ جي ايم پي اي نصرت سحر عباسي، ڊاڪٽر احمد نوناري، پير خليل جان سرهندي، پير سجاد جان سرهندي، ۽ ٻيا اڳواڻ خطاب ڪندا، جلسي جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن ۽ سڄو شهر مختلف پارٽين جي جهنڊن سان سينگاريو ويو آهي، جڏهن ته جلسي گاهه ۾ هڪ لک ماڻهن جي ويهڻ جي گنجائش رکي ويئي آهي جڏهن ته جلسي ۾ شرڪت ڪرڻ جي لاءِ ترقي پسند پارٽي جي ڊاڪٽر احمد نوناري، فنڪشنل ليگ جي پير سجاد جان سرهندي، جسقم جي منير نظاماڻي، نواز ليگ جي پير معصوم جان، جسم جي علي رند، جسقم جي ظهور هاليپوٽو، جست جي عبدالخالق خاصخيلي ۽ ٻين مختلف علائقن ۾ ڪارنر گڏجاڻيون ڪري عوام کي اپيل ڪئي آهي ته جلسي ۾ وڌ کان وڌ شريڪ ٿي قومي ٻڌي جو ثبوت ڏين.