سکر

ٻن ڪروڙ رپين جي ماليت جا ملاوٽ شده مصالاجات ۽ ٻيو سامان ضبط

sukkur pic 1 09 10 2012سکر(بيورورپورٽ)سکر پوليس جو مرچ ٺاهيندڙ ٽن فيڪٽرين تي ڇاپو ٻن ڪروڙ رپين جي ماليت جا ملاوٽ شده مصالاجات ۽ ٻيو سامان ضبط فيڪٽري مالڪ سميت 22 ڄڻا گرفتار ڪري ورتا سکر اي ايس پي يوٽي مسعو بنگش پاران پوليس جي وڏي نفريءَ سان خفيه اطلاع ملڻ تي گوليمار ۽ نيو پنڊ ٿاڻن جي حدن ۾ قائم مرچن ۽ ٻين مصالن جي فيڪٽرين تي ڇاپا هڻي ڪري اتان ٻن ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جا مرچ ۾ ملاوٽ ڪرڻ لاءِ آندل چوڪر مٽي، ڀوسو، ۽ ٻيو مضر صحت سامان سميت ملاوٽ شده مرچ ۽ مصالا تحويل ۾ وٺي ڪري فيڪٽريون مالڪ ۽ 20 مزدورن سميت 22 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي ڇاپي جي اطلاع تي هڪ فيڪٽري مالڪ فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو اي ايس پي مسعود احمد بنگش جي مطابق انهن فيڪٽرين ۾ مرچ، انب چور ۽ ڌاڻا پيٿا ويندا هئا ۽ انهن ۾ مٽي ڪيميڪل ۽ انساني صحت کي نقصان پهچائيندڙ شيون ملاوٽ ڪري انهن کي بازار ۾ وڪرو ڪيو ويندو هو اي ايس پيءَ ٻڌايو ته لکين انساني زندگين سان کيڏندڙ جوابدارن جي خلاف سخت کان سخت ڪارواين سان گڏو گڏ انهن حدن جي ايس ايڇ اوز جي خلاف به ڪاروائي ڪئي ويندي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button