ٽنڊو محمد خان

وقتي گورنر ۽ اسپيڪر نثار کهوڙي جي قافلي تي ٽماٽن ، بيضن ۽ جتن جو وسڪارو

فهيم ڀٽي، ٽنڊو محمد خان
Tomatoes and eggs are being throwing on Khuhroحيدرآباد بدين روڊ تي سيري لڳ وقتي گورنر ۽ اسپيڪر نثار کهوڙي جي قافلي تي ٽماٽن ، بيضن ۽ جتن جو وسڪارو ، پوليس اهلڪار تماشو ڏسندا رهيا، سوين ماڻهو گڏ ٿي ويا، تفصيل موجب بدين حيدرآباد روڊ تي سيري لڳ گاجا واهه تي درجنين عورتن گئس جو افتتاح ڪري نورائي شريف کان واپس حيدرآباد ايندڙ سنڌ جي وقتي گورنر ۽ اسپيڪر نثار کهوڙو جي گاڏي کي ڏسندي ئي کيس روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ نه بيهڻ تي عورتن پاڻ سان گڏ آندل بيضا ۽ ٽماٽا اڇلائي گاڏي کي هنيا ۽ پيرن مان جتيون لاهي قافلي کي ڏيکاريون ان دوران بيٺل پوليس اهلڪارن ۽ ڪارڪنن ۾ ڇڪتاڻ ٿي وئي، ۽ هڪٻئي کي ڌڪا ۽ ٺيلها ڏنا جنهن بعد سوين ماڻهن ترقي پسند ناري تحريڪ جي اڳواڻ ثمينه خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ بدين حيدرآباد روڊ تي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا، جنهن سبب هڪ ڪلاڪ تائين روڊ بند ٿي ويو ۽ سوين گاڏيون بيهجي ويون، ڌرڻي ۾ شامل ماڻهن ٻٽي مڪاني نظام خلاف نعرا هڻي رهيا هئا، ان موقعي تي خطاب ڪندي ثمينه خاصخيلي چيو ته غدار حڪمرانن سنڌ ماءُ جو سودو ڪري ڇڏيو آهي پر جيسيتائين هڪ به قومي ڪارڪن زنده هوندو مزاحمت جاري رکنداسين

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button