نفيسه شاھ جي جلسي تي حملي ۾ جمھوريت دشمن عنصر ملوث آھن، زاهد علي ڀرڳڙي
حيدرآباد: ماهيگيري واري صوبائي وزير زاهد علي ڀرڳڙي نئين بلدياتي نظام بابت مخالفين کي ڳالهين جي دعوت ڏيندي چيو آهي ته سنڌ جي امن ترقي خاطر هو نئين قانون جي اعتراضي شقن تي پنهنجون ترميمون تجويز ڪن ته جيئن ان کي سڀني جي اتفاق راءِ سان لاڳو ڪري سگهجي. هن خيرپور ۾ ايم اين اي نفيسا شاهه جي جلسي تي فائرنگ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي ان کي جمهوريت مٿان حملو قرار ڏنو ۽ چيو ته ان ۾ جمهوريت دشمن عنصر ملوث آهن جيڪي ملڪ ۾ امن نه پر فساد پکيڙڻ چاهين ٿا _ هن چيو ته ان سلسلي ۾ سنڌ جي وڏي وزير انڪوائري جو حڪم پڻ ڏنو آهي. ۽ تمام جلد اهڙن عنصرن کي عوام آڏو ظاهر ڪيو ويندو _ هن اهڙو اظهار اڄ انيڪسي بلڊنگ سرڪٽ هائوس ۾ هڪ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو _بلدياتي آرڊيننس جي حوالي سان ڳالهائيندي صوبائي وزير زاهد علي ڀرڳڙي چيو ته هن آرڊيننس تي اعتراض ۽ احتجاج ڪندڙ اتحادي پارٽين جا اڳواڻ ڪور ڪميٽي ۾ ٻن سالن تائين ڳالهين ۾ شامل رهيا جتي هر شق تي بحث پڻ ڪيو ويو ۽ جڏهن هي آرڊيننس متعارف ڪرايو ويو ته انهن پنهنجن ترميمي تجويزن بجاءِ احتجاج ڪرڻ شروع ڪري ڏنو جڏهن ته سنڌ اسيمبلي ۾ آرڊيننس پيش ڪرڻ وقت سمورين ڌرين کي بحث ڪرڻ ۽ تجويزون پيش ڪرڻ جو موقعو ڏنو ويو پر انهن اهو موقعو وڃايو ۽ پنهنجن سيٽن تان اٿي زمين تي ويهي احتجاج ڪيو ۽ اڪثريت کي نظر ۾ رکندي اسيمبلي مان اهو بل پاس ڪرايو ويو آهي . هن چيو ته هن آرڊيننس متعلق صدر آصف علي زرداري جو پڻ چوڻ آهي ته جيڪڏهن هن وقت به ڪي مثبت تجويزون سامهون آيون ته هن ۾ ترميم ڪري سگهجي ٿي ۽ ان سلسلي ۾ فنڪشنل ليگ ۽ اي اين پي سان ڳالهيون پڻ هلندڙ آهن _ هن اميد ظاهر ڪئي ته ٻئي سياسي پارٽيون تمام جلد واپس اچي وينديون . هن چيو ته آرڊيننس تحت ميئر ۽ ٽائون جي چيرمين کي هڪجهڙا اختيار حاصل آهن جڏهن ته ميئر وڏي وزير آڏو جوابده هوندو ۽ وڏو وزير ميئر خلاف ڪنهن به ڪوتاهي ڪرڻ تي قدم کڻي سگهي ٿو _ هن چيو ته پراڻي نظام تحت مرڪز بجاءِ هاڻ سنڌ حڪومت ميٽروپوليٽن توڙي ٽائون انتظاميه کي سڌي سنئي بجيٽ پڻ جاري ڪندي _ هن چيو ته اڳ جي ڀيٽ ۾ نئين آرڊيننس تحت ميئر جا 40 سيڪڙو اختيار پڻ گهٽايا ويا آهن جڏهن ته قلم 144 لاڳو ڪرڻ لاءِ ميئر پهرين گهرو کاتي کان اجازت وٺڻ جو پابند هوندو. ان کان علاوه لوڪل گورنمينٽ ڪميشن پڻ قائم ڪئي ويندي جيڪا ميٽروپوليٽن ۽ ٽائون جي آڊٽ پڻ ڪندي_ هن چيو ته ٽائون ٺهڻ سان تعلقي سطح تي خوشحالي ايندي ۽ تعلقه وڌيڪ مضبوط ٿيندا _ هن چيو ته قومپرستن وٽ هن وقت ڪو به اشو ناهي تنهنڪري آرڊيننس کي اشو بڻائي عوام کي گمراهه ڪري رهيا آهن _ هنن اڃان تائين آرڊيننس جو اڀياس ئي نه ڪيو آهي _ هن چيو ته سنڌ دشمن منصوبن جي حامين جو ساٿ ڏئي قومپرست سنڌي عوام سان دوکيبازي ڪري رهيا آهن ۽ بنا ڪنهن عوامي مينڊيٽ جي 15 ماڻهن کي گڏ کڻي روڊ بلاڪ ڪرائي واويلا مچائي رهيا آهن . هن چيو ته آمرن جي بلدياتي نظام جو حصو بڻجندڙ قومپرستن طرفان نئين بلدياتي نظام جي مخالفت سمجهه کان ٻاهر آهي _ هن چيو ته پ پ پ ئي سڀ کان وڌيڪ قومپرست پارٽي آهي جنهن هر وقت سنڌي عوام جي حقن جو تحفظ ڪيو آهي ۽ جيسيتائين پ پ پ جو هڪ به ڪارڪن زنده آهي اسان سنڌ کي ورهائڻ نه ڏينداسين ۽ عوام پڻ سمجهي ٿو ته پ پ پ سنڌ سان سچي آهي بلڪه قومپرست ناهن _ هن چيو ته پ پ پ حيدرآباد ڊويزن طرفان 15 آڪٽوبر2012 تي حيدرآباد ۾ هڪ وڏو عوامي جلسو ڪوٺايو ويو آهي جنهن ۾ وڏي وزير سميت پ پ پ جي مرڪزي قيادت شرڪت ڪندي ۽ ان جلسي ذريعي اسان مخالفن تي واضح ڪنداسين ته اڄ به عوام پ پ پ سان ئي گڏ آهي. هن چيو ته جلسي جي سلسلي ۾ تمام انتظام پڻ مڪمل ڪيا ويا آهن . هن چيو ته خيرپور جلسي تي فائرنگ ۾ شهيد ٿيل ڪارڪنن جي ايثال ثواب لاءِ پ پ پ حيدرآباد طرفان قرآن خواني جو پڻ اهتمام ڪيو ويو آهي _ هن ٻڌايو ته پ پ پ حيدرآباد طرفان تازين برساتن سبب متاثرن لاءِ امدادي سامان گڏ ڪرڻ لاءِ ڪيمپون پڻ قائم ڪيون ويون هيون ۽ اڄ جيڪب آباد ضلعي لاءِ امدادي سامان سان ڀريل 4 ٽرڪون پڻ روانيون ڪيون ويون آهن _ هن چيو ته تازين برساتن سبب 30 لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا آهن ۽ حڪومت اڪيلي سر انهن جي پرگهور نٿي لهي سگهي تنهن ڪري سول سوسائٽي کي پڻ اڳتي اچڻو پوندو . پريس ڪانفرنس ۾ پ پ پ اڳواڻ فياض شاهه ، امان الله سيال ، روشن سولنگي ، آفتاب خانزاه ۽ ٻيا پڻ ساڻس گڏ هئا .