نساسڪ جي نا اهل آفيسرن پاران هفتو صفائي منائڻ جو ڊرامو رچايو آهي، اڳواڻ
بيورورپورٽ،سکر
سکر ۾ نساسڪ جي طرف کان شهر ۾ نام نهاد هفتو صفائي مهم جي خلاف سکر شهري اتحاد پاران چيئر مين مولانا عبيدالله ڀٽو ابن آزاد، وزير خان بروهي، سيد عمران علي ۽ ٻين جي قيادت ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو ان موقعي تي اڳواڻن ٻوهارا، بيلچه ۽ ٽراليون کڻي ڪري پنهنجي مدد پاڻ تحت علائقن جي صفائي ڪرڻ شروع ڪري ڏني اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته نساسڪ جي نا اهل آفيسرن پاران هفتو صفائي منائڻ جو ڊرامو رچايو آهي نساسڪ جا آفيسر لکين رپيا هڙپ ڪرڻ لاءِ صفائي جو بهانو بڻايو آهي هنن چيو ته هفتي صفائي لاءِ نيو پنڊ، مائيڪرويو ڪالونيءَ ۾ نساسڪ آفيسرن پاران ٻوهارا کڻي ڪري فوٽو ڪڍرائڻ کان ٿوري دير پوءِ خاڪروبن کي وٺي ڪري غائب ٿي ويا علائقي جا ماڻهو فون تي شڪايتون ڪندا رهيا پر نساسڪ جي آفيسرن پنهنجا فون بند ڪري ڇڏيا هنن چيو ته نساسڪ جي خاڪروب 6 مهينن کان پوءِ هفتو صفائي مهم لاءِ آيا هئا پر افسوس فوٽو سيشن کان پوءِ بغير صفائي ڪرڻ جي واپس هليا ويا ان وقت به اسان جا علائقا گندگيءَ سان ڀريل آهن روڊن رستن گهٽين ۾ گندگي ۽ ڪنو پاڻي بيٺل آهي جنهن جي ڪري بدبو ڦيليل آهي ۽ شهري بيمار ٿي رهيا آهن نساسڪ جي طرفان پيليون پيٽيون رکيل هيون مگر ڪيترائي مهينا پهريان اهو پيٽيون اتان هٽايون ويون هيون جنهن ڪري شهرين کي شيديد پريشانيءَ جو منهن ڏسڻو پهجي رهيو آهي.