مڪاني نظام وارو آرڊينينس واپس نه ورتو ويندو، کھڙو
فهيم ڀٽي ، ٽنڊو محمدخان
وقتي گورنر ۽ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر نثار احمد کهوڙو چيو آهي ته ڪنهن به صورت ۾ مڪاني نظام وارو آرڊينينس واپس نه ورتو ويندو ۽ جيڪڏهن ڪنهن کي به اعتراض آهن ته هو اسان سان ڳالهائي ته ترميم تي ٻيهر غور ڪري سگهجي ٿو، اهڙن خيالن جو اظهار هن حيدرآباد تعلقي جي ڳوٺ نورائي شريف ۾ سوئي گئس ڏيڻ واري افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ۽ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو، هن چيو ته سنڌ ٽوڙڻ جي گنجائش نه آهي ۽ ٻي ڪا به جماعت پ پ کان وڌيڪ قومپرست نه آهي اسان ئي سنڌ جي حفاظت ڪئي آهي ۽ حفاظت ڪنداسين، هن چيو ته حيدرآباد واري جلسي ۾ پوليس اهلڪار ۽ سرڪاري ملازمن کي نه گهرايو ويو هو ۽ جيڪڏهن سرڪاري ملازم گهرايون ها ته جلسي ۾ چار لک ماڻهن جي شرڪت هجي ها پر جلسي ۾ صرف پ پ جا ورڪر هئا، پوليس نفري بابت هن چيو ته پوليس ڪنهن به امڪاني دهشتگردي يا شرارت کي منهن ڏيڻ ۽ جلسي ۾ شريڪ لکين ماڻهن جي حفاظت لاءِ جلسي جي چوداري مقرر ڪيا ويا هئا ، هن ڦليلي ڪئنال تي نئين پل ٺاهڻ جو پڻ اعلان ڪيو، ان موقعي تي پ پ ٽنڊو محمد خان جو ضلعي صدر حاجي امين لاکو، حاجي عالم خان نوتڪاڻي، محبوب نوتڪاڻي، اعجاز شاهه بخاري ۽ ٻيا موجود هئا