خيرپور

مڪاني نظام بابت آرڊيننس پاس ڪرڻ کانپوء خيرپور ضلعو احتجاجن جو مرڪز بڻيل

STPخيرپور(ڊر) مڪاني نظام بابت آرڊيننس پاس ڪرڻ کانپوء خيرپور ضلعو احتجاجن جو مرڪز بڻيل، پ پ، قومپرستن پاران جلوسن ذريعي طاقت جو مظاهرو، وڪيل برادري ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي، بار جي صدر منظور انصاري پاران پيپلزلائرز فورم وارن کي بار ۾ اجلاس نه ڪرڻ ڏنو، پيپلزلائرز فورم جي وڪيلن پريس ڪلب ۾ اجلاس ڪري احتجاج نوٽ ڪرايو. رينجرز ۽ پوليس جي سوين اهلڪارن سڄي شهر ۾ جلوسن جي نگراني ڪري هڪٻئي مٿان حملن کي روڪيندا رهيا. سڄو شهر بار بار خوف وچان بند ٿي ۽ کلندو رهيو. تفصيل موجب آرڊيننس جاري ٿيڻ کانپوءِ پ پ پاران وڏي وزير جي پوليٽيڪل سيڪريٽري نظر محمد ڳاهو، فيروز ڦلپوٽو، مڇر مڱڻهار ۽ علي شير مڪول جي اڳواڻي ۾ پنجگلا چوڪ کان غريب نواز هوٽل تائين ڌرڻو هڻي بار جي صدر منظور انصاري جي پتلي کي ڪوٽ پارائي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو ۽ هوائي فائرنگ ڪئي. نظر محمد ڳاهو چيوته قومپرست ۽ ڪجهه نام نهاد ماڻهو پ پ خلاف پروپيگنڊا ڪري رهيا آهن. جن جو وٽي تي نانءَ به نه آهي. هنن جو احتجاج جاري هيو ته مريم توب وٽ معصوم ٻارڙن ۽ عورن سميت سوين جسقم جي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن مريم توب تي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا ته رينجرز ۽ پوليس اهلڪارن پ پ ۽ جسقم جي آمهون سامهون جلوسن کي روڪڻ لاءِ ٻنهي جلوسن کي روڪي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو. پ پ جي اڳواڻن جسقم جي مڇريل ڪارڪنن کي ڏسي ڪار ۾ چڙهي ٻئي پاسي کان هليا ويا. ساڳئي جاءِ تي جسقم ڌرڻو هڻي ويهي زوردار نعرا هنيا. شهرين پاران فتح جو نشان ڏيکاري جسقم جي اڳواڻن جي نعرن جو جواب ڏنو ته پريس ڪلب ۾ هلندڙ پيپلز لائرز فورم جو اجلاس جسقم جي جلوس جي پريس ڪلب ڏانهن اچڻ جي اطلاع تي پيپلز لائرز فورم جي وڪيلن تڪڙ ۾ اجلاس ختم ڪري ڪورٽ روانا ٿي ويا. رابطو ڪرڻ تي بار جي صدر منظور انصاري چيوته پريس ڪلب ۾ انهن وڪيلن اجلاس ڪرايو آهي جيڪي سرڪاري نوڪر، سياسي هائوسن جا پگهاردار ۽ ساڳين ئي هائوسن جا ٺيڪيدار وڪيل شامل آهن جن ڪاري ڪوٽ کي باهه ڏئي ڪاري ڪوٽ جو تقدس پائمال ڪيو آهي. جيڪي گورنمينٽ جا ٽائوٽ آهن. پريس ڪلب ۾ هلندڙ اجلاس دوران ناليواري وڪيل لياقت شر، ناليواري وڪيل شفيع محمد چانڊيو، فرمان ڪناسرو، حفيظ چانڊيو چيوته بار جي صدر منظور انصاري کي جيڪڏهن پ پ مان ايتري نفرت آهي ته پ پ پاران بار جي صدارت لاءِ ڏنل ٽڪيٽ تي صدر چونڊجي آيل استعيفى ڏئي ۽ پ پ حڪومت پاران بار لاءِ 27 لک رپين جو ڏنل چيڪ واپس ڪري. هن پ پ جي ٽڪيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ قرآن شريف تي هٿ رکيو هيو. ڪيترن ئي وڪيلن پاران هن تي لوٽا هجڻ جو الزام هنيو هيو پر منظور انصاري پاران قرآن شريف تي هٿ رکڻ کانپوءِ هن کي پ پ جي ٽڪيٽ ڏني وئي. اڄ اهو ڪهڙي منهن سان اسانجي اڳواڻن جي تصويرن مٿان غلط حرڪتون ڪري رهيو آهي. جيڪڏهن پڙهيل لکيل وڪيل اڻ پڙهيلن وانگر حرڪتون ڪن ته اهڙن نادان وڪيلن کي ڇا چئجي جن پ پ جي وڪيلن پڻ اهڙي حرڪت ڪئي انهن معافي وٺي جان ڇڏائي آهي ۽ اهي اسان سان اڄ گڏ آهن. ان موقعي تي ايڊووڪيٽ منور دستي، ايڊووڪيٽ الله ڏنو ڦلپوٽو ۽ ساڻن گڏ هئا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button