مختصر خبرون

ممتاز ڀٽو تي ڪوڙي ايف آءِ آر خلاف مظاھرو

سکر(بيورورپورٽ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي ڪارڪنن پاران سردار ممتاز ڀٽو جي خلاف سياسي انتقامي ڪارواين ۽ ڪوڙي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ خلاف ضلعي سيڪريٽريٽ کان هڪ احتجاجي موٽر سائيڪل ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾ سوين ڪارڪنن پاران شهر جي مختلف رستن تي گشت ڪيو ۽ ريلي سکر پريس ڪلب تي اختتام پذير ٿي ريليءَ کي خطاب ڪندي صوبائي جوائنٽ سيڪريٽري شهزادو ڀٽو چيو ته زرداري، فريال ٽالپور ۽ کهوڙا برادري پاران سردار ممتاز ڀٽو جي ڪيٽيءَ تي ممتاز ڀٽو مٿان حملو ڪري ان جي ملازمن کي قتل ڪيو ۽ سردار ممتاز ڀٽو جي پٽ امير بخش ڀٽو جي ڪوڙي ايف آءِ آر داخل ڪرائي حڪومتي رياستي دهشتگردي سردار ممتاز ڀٽو کي جهڪائي نه ٿي سگهي ضلعي صدر سرور لطيف چيو ته حڪومتي اهلڪار ٻڌي ڇڏين اگر انهن پوليس گردي کي نه روڪيو ۽ مسلم ليگ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي حراسان ڪرڻ بند نه ڪريو ته سڃي سنڌ ۾ مختلف شاهرائن تي ڌرڻا ڏنا ويندا ۽ حڪومتي سرپرستيءَ ۾ دهشتگردي ڪندڙ اهلڪار ٻڌي ڇڏين ته ڪجهه ڏينهن جي حڪومت کان پوءِ انهن جو به احتساب ڪيو ويندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button