حيدر آباد

مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو جي اڄ پوري ملڪ ۾ پهرين ورسي وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي پئي وڃي

Syed Fayaz shah pppحيدرآباد: مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو جي اڄ پوري ملڪ ۾ پهرين ورسي وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي پئي وڃي . ان سلسلي ۾ پ پ پ حيدرآباد ضلعي پاران ضلع ڪائونسل حيدرآباد جي هال ۾ قرآن خواني جو اهتمام ڪيو ويو . ان موقعي تي ورسي واري تقريب کي پ پ پ جي اڳواڻن مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو جي زندگي کي غير معمولي ۽ پاڪستان جي سياست جو مڪمل باب قرار ڏنو جنهن سان سياست جي شاگردن کي صدين تائين رهنمائي ملندي رهندي . هنن چيو ته بيگم نصرت ڀٽو نه صرف جمهوريت جي بقاءَ لاءِ جدوجهد ڪئي بلڪه هو انساني حقن جي وڏي علمدار هجڻ سان گڏوگڏ ملڪ ۾ سياسي مفاهمت جي بانيڪارن ۾ به شامل هئي . ورسي جي تقريب کي خطاب ڪندي پ پ پ حيدرآباد ضلعي جي جنرل سيڪريٽري سيد فياض شاهه چيو ته مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو نه فقط عظيم شخصيت جي مالڪ هئي بلڪه هن پاڪستان ۾ جمهوريت جي بحالي ۽ استحڪام لاءِ شاندار ۽ بي مثال جدوجهد ڪئي جيڪا قابل ستائش آهي جڏهن ته بيگم نصرت ڀٽو پاڻ کي وڏن چيلينجن کي منهن ڏيڻ ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کانپوءِ جي سطح تي معاون ثابت ڪيو ۽ هو پ پ پ جي ڪارڪنن لاءِ حوصلاافزائي جو سبب بڻي. هن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي ۾ عورت ونگ جو قيام به بيگم نصرت ڀٽو جو پ پ پ کي سگهارو بنائڻ لاءِ هڪ اهم قدم هو .هن چيو ته جمهوريت جي بحالي ۽ بقاءَ لاءِ جيڪا جدوجهد بيگم نصرت ڀٽو ڪئي ان تي عملدرآمد ٿي مستقبل ۾ پ پ پ پاڪستان جي عوام جي آئيني حقن جي تحفظ کي يقيني بڻايو. ورسي جي تقريب کي خطاب ڪندي پاڪستان پيپلزپارٽي حيدرآباد ضلعي جي نائب صدر عبدالجبار خان چيو ته بيگم نصرت ڀٽو جي لازوال قربانين ۽ خدمتن کي صدين تائين ياد رکيو ويندو . هن چيو ته بيگم نصرت ڀٽو هميشه پ پ پ ورڪرن جا مئسلا ۽ شڪايتن جو ازالو ڪرڻ ۽ ان جي فلاح بهبود کي ترجيحي ڏني جنهن سبب هو اڄ به پ پ پ ڪارڪنن جي دل جي دڙڪن آهي . ان مو وقعي تي خطاب ڪندي پ پ پ حيدرآباد ضلعي جي نائب صدر حاجي ڄام خان شورو چيو ته بيگم نصرت ڀٽو کي مادر جمهوريت جي نالي سان صحيح ياد ڪيو ويندو آهي ڇاڪاڻ ته هن ايم آر ڊي جي پليٽ فارم تان جمهوريت جي بحالي ۽ بقاءُ لاءِ جيڪي قرباني ۽ جدوجهد ڪئي ان جو تاريخ ۾ مثال نٿو ملي بلڪه هن پنهنجي نياڻي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي به مڪمل رهنمائي ۽ حمايت ڪئي .ان موقعي تي خطاب ڪندي پ پ پ عورت ونگ جي صدر محترمه نور النساءُ ابڙو چيو ته بيگم نصرت ڀٽو هميشه معاشري جي غريب عورتن کي ترقي ڏيارڻ ۽ کين بااختيار بنائڻ ۾ گهري دلچسپي رکندي هئي جنهن عورتن کي پنهنجي ڪٽنب جي مضبوطي ۽ استحڪام جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪرڻ جو حوصلو ڏنو . ورسي جي تقريب کي قاضي پاشا، شاهد اقبال ، اقبال سومرو ، آفتاب خانزادو ، حاجي جيئندو سومرو ، قمر لاکو ، اڪرم شاهه ، سڪندر حيات ، قاضي جميل ، رجب خاصخيلي ، منٺار جتوئي ، شبانه خان ، ريشما بلوچ ، ثريا سولجر کان علاوه پ پ پ جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي . قرآن خواني جي موقعي تي بيگم نصرت ڀٽو جي ايثال ثواب ۽ مرحومه جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي وئي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button