عوام جي تعاون سان ضلع سکر ۾ امن بحال ڪرايو ويو، ايس ايس پي سيد پير محمد شاهه
بيورورپورٽ،سکر
ايس ايس پي سيد پير محمد شاهه سنڌ شهري اتحاد جي چيئرمين مولانا محمد چاچڙ جي ڳوٺ ۾ وڏي عوامي اجتماع کي خطاب ڪندي چيو ته عوام جي تعاون سان ضلع سکر ۾ امن بحال ڪرايو ويو آهي عوام جو تعاون رهيو ته ضلع سکر ۾ مڪمل امن بحال ڪرائبو پنوعاقل جي عوام پنهنجي زندگي آرام سان گذراي رهي آهي رات جو ڪنهن به ٽائيم ڳوتاڻان سفر ڪن ٿا مجرم ڪيترابه طاقتور هجن انهن کي ڪنهن صورت ۾ نه بخشيو ويندو سنڌ شهري اتحاد جي چيئرمين مولانا محمود چاچڙ جي يو آءِ تعلقه پنوعاقل جي امير مولانا محمد صالح انڍهڙ، تحريڪ امن جو چيئر مين رفيق احمد سومرو جميل ڪورائي ۽ ٻين سياسي مذهبي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته جڏهن کان ايس ايس پي سيد پير محمد شاهه مقرر ٿيو آهي شهرين ۽ ڳوٺاڻن سڪون جو ساه کنيو آهي ڌاڙيل ڪلچر ختم ٿي چڪو آهي پير محمد شاهه جونالو ٻڌي ڏوهاري ضلع سکر مان فرار ٿي ويا آهن پنوعاقل جي بار جنرل سڪريٽري سرور چاچڙ چيو ته ڪارو ڪاري جي جرڳن تي پابندي عائد ڪئي وڃي ۽ قبائلي جهيڙا ختم ڪرايا وڃن.