اسلام آباد

عام چونڊون مقرر وقت تي ٿينديون، حڪومت جو چونڊن ۾ دير جو ڪو به ارادو نه آهي: قمر زمان ڪائره

Qamar Zaman Kairaاسلام آباد ، اطلاعات ۽ نشريات جي وفاقي وزير قمر زمان ڪائره چيو آهي ته عام چونڊون مقرر وقت تي ٿينديون، حڪومت جو چونڊن ۾ دير جو ڪو به ارادو نه آهي، پيپلزپارٽي جي حڪومت اين ايف سي ايوارڊ تحت صوبن کي 70 سيڪڙو وسيلا منتقل ڪيا، صدر آصف علي زرداري جي قيادت ۾ مفاهمتي پاليسي تحت اتحادي حڪومت قائم ڪئي وئي، قومي اسيمبلي ۾ رڪارڊ قانونسازي سميت آئين ۾ ترميمون ڪيون ۽ آغاز حقوق بلوچستان پئڪيج متعارف ڪرايو، نواز شريف ۽ پرويز مشرف جي دورن ۾ هڪ ميگاواٽ به بجلي پيدا نه ڪئي وئي، پيپلزپارٽي جي حڪومت بجلي پيدا ڪرڻ جي ڪيترن ئي منصوبن جو آغاز ڪيو آهي، پيپلزپارٽي گئس ۽ بجلي جي بحران تي سياست نه ڪندي، ڪالهه اڱاري ڏينهن هڪ نجي ٽي وي چئنل جي مارننگ شو ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته عام چونڊون پنهنجي وقت تي ٿينديون ۽ موجوده حڪومت ان ۾ دير جو ڪو به ارادو نٿي رکي، هن چيو ته سياسي پارٽيون، ميڊيا، اليڪشن ڪميشن ۽ عدليه عام چونڊن ۾ دير برداشت نه ڪنديون، هن چيو ته هي ڳالهه طئي آهي ته عام چونڊن ۾ دير نه ٿيندي، عبوري حڪومت جي عرصي کي ڊيگهه ڏيڻ جي تاثر کي رد ڪندي هن چيو ته ملڪ ۾ موجود سياسي قوتون ان جي اجازت نه ڏينديون، هن چيو ته ماضي ۾ وفاقي حڪومتن اختيار پاڻ وٽ رکڻ جي ڪوشش ڪئي پر صدر آصف علي زرداري جي قيادت ۾ پيپلزپارٽي جي موجوده حڪومت اختيار صوبن ڏانهن منتقل ڪيا آهن، هن چيو ته اين ايف سي ايوارڊ تحت صوبن کي قومي وسيلن جو 70 سيڪڙو منتقل ڪيو ويو آهي، وفاقي وزير چيو ته قومي اسيمبلي ۾ پيپلزپارٽي کي سادي اڪثريت به حاصل نه آهي ان جي باوجود اتحادي پارٽين جي تعاون سان هن آئين ۾ ترميمون ڪيون آهن ۽ رڪارڊ قانونسازي سميت آغاز حقوق بلوچستان پئڪيج متعارف ۽ ان تي عملدرآمد ڪرايو
اي پي پي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button