شهدادڪوٽ: بشيرخان قريشي جو قتل ڪيس داخل نه ڪرڻ ۽ نئون مڪاني آرڊييننس خلاف مڪمل طور شٽر بند هڙتال
ضمير کرل، شھداد ڪوٽ
شهدادڪوٽ ۾ جسقم ۽ سنڌ بچايو ڪاميٽي جي سڏ تي شهيد بشيرخان قريشي جو قتل ڪيس داخل نه ڪرڻ ۽ نئون مڪاني آرڊييننس سنڌ اسيمبلي ۾ پيش ڪرڻ خلاف مڪمل طور شٽر بند هڙتال رهي، هڙتال سبب شاهي بازار، ريشم گهٽي، ڪوٽو موٽو چوڪ، جمع کرل چوڪ ، اناج منڊي، سبزي منڊي سميت شهر جا ننڍا، وڏا ڪاروباري مرڪز بند رهيا، جڏهن ته جسقم پاران سڪندر سومري، ذوالفقار مگسي، فياض کوسي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ريلي ڪڍي ڪوٽو موٽو چوڪ تي ڌرڻو هنيوويو، ٻئي پاسي سنڌ بچايو ڪاميٽي ۾ شامل پارٽين ايس ٽي پي،جسم، ايس يو پي، جيئي سنڌ تحريڪ، جي يو آءِ ، نواز ليگ، فنڪشنل ليگ، تحريڪ انصاف،ايس اين پي سميت ٻين پارٽين جي اڳواڻن حيات تونيي، حبدار ميرجت، حمل خشڪ،مير غيبي خان مغيري، مبين مستوئي، مجاهد اعواڻ، سجاد مستوئي،راجا تونيي،اياز چانڊيي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ريليون ڪڍي ڪوٽو موٽو چوڪ تي پهچي ڌرڻو هنيو، هڙتال سبب ٽريفڪ رستن تان پڻ غائب رهي،ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته هو نئين مڪاني نظام کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪندا ،هنن چيو ته عوا۾ جي ووٽ تي اقتدار حاصل ڪندڙ نمائنده عوام جي ووٽ جو ڀرم رکن ٻي صورت ۾ سندن رستا تنگ ڪيا ويندا، جسقم اڳواڻن چيو ته شهيد بشير خان قريشي کي زهر ڏيئي شهيد ڪيو ويو، جنهن جو چٽو ثبوت شهيد بشير خان جو قتل ڪيس داخل نه ڪرڻ آهي،سندس قتل ڪيس داخل نه ڪرڻ سنڌ جي 5 لک سنڌي عوام سان نا انصافي آهي.