مختصر خبرون

سکر: مريضن جي شڪايتن جو ازالو ڪيو پيو وڃي، ڊاڪٽر محبوب علي شاهه

سکر(بيورورپورٽ)سکر غلام محمد مهر ميڊيڪل (سول) اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر محبوب علي شاهه چيو آهي ته اسپتال ۾ مريضن جي شڪايتن جو ازالو ڪيو پيو وڃي جيڪڏهن اسپتال جو عملو ڪن مريضن سان سٺو ورتاءُ نٿو ڪري ته هو سندس آفيس ۾ اچي شڪايت ڪري سگهن ٿا. ڪالهه صحافين سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته سول اسپتال ۾ مريضن کي مفت دوائون فراهم ڪيون پيون وڃن ۽ اسان جي هر ممڪن ڪوشش آهي ته عوام جا مسئلا حل ڪيون پر افسوس جو ڪجهه ماڻهن رڳو تنقيد ڪرڻ ئي پنهنجو ڪم سمجهيو آهي هن چيو ته مان پاڻ داخل مريضن سان ملاقات ڪري سندس مسئلا معلوم ڪندو آهيان ۽ اسپتال جي ڊاڪٽرن ۽ عملي کي سختيءَ سان هدايت ڪئي آهي ته هو مريصن جو وڌ کان وڌ خيال رکن ٻي صورت ۾ جيڪڏهن سندن خلاف ڪا شڪايت آئي ته ان خلاف سخت قدم کنيا ويندا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button